بااثرن جي ظلم خلاف آواز اٿارڻ لاءِ ڪميٽي قائم

شهدادڪوٽ ( ڊ ر ) پاڪستان پيپلزپارٽي  شهيد ڀٽو جي ميزباني ۾ پوليس ۽ بااثر شخص جي ڪيل زيادتين خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي 8رڪني ڪاميٽي ٺاهي وئي ڪانفرنس ۾ مختلف سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهيد ڀٽو اڳواڻ منير بروهي، وزير کوسو، ذوالفقار مگسي، پي ٽي آء اڳواڻ ميڊم ناهيد کهاوڙ، ايس ٽي پي اڳواڻ حيات تونيو،  ايس يو پي اڳواڻ پير بخش ڀٽي، جي يو آء اڳواڻ مولانا مبين احمد مستوئي، سياسي سماجي اتحاد جي اڳواڻ قاسم سومرو، قومپرست اڳواڻ حبدار ميرجت،  شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ نصير سيلرو امداد لوهر،  سهڻي لوڌي، طالب سومرو ۽ ٻين سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن  جي اڳواڻن آل پارٽيز ڪانفرنس ۾  ڳالهائيندي چيو ته پوليس هڪ بااثر شخص جي چرچ تي سپاف شهيد ڀٽو ڊگري ڪاليج جي جنرل سيڪريٽري بلاول بروهي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ۽ هڪ طرفي موقف جي حمايت ڪرڻ جي مذمت ڪندي هنن چيو ته پوليس هميشه سياسي جماعت جي ڪارڪنن مٿان مخالفن جي ونگار وهي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حيسائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي جيڪا ڪنهن به صورت برداشت نه ڪبي هنن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ  کي پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي شهيد ڀٽو اڳواڻ مٿان داخل ڪوڙو ڪيس خارج ڪرڻ گهرجي ۽ سوشل ميڊيا تي شهيد ڀٽو اڳواڻ سميت شهرين جي ڪردار ڪشي ڪندڙ هڪ بااثر شخص جي رستا روڪ ڪرڻ لاء مختلف جمائتن جي اڳواڻن تي ٻڌل 8 رڪني جدوجهد ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي جيڪا جلد گڏجاڻي ڪري لاءِ عمل  جوڙيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو