شهدادڪوٽ ( ڊ ر ) پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي ميزباني ۾ پوليس ۽ بااثر شخص جي ڪيل زيادتين خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي 8رڪني ڪاميٽي ٺاهي وئي ڪانفرنس ۾ مختلف سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهيد ڀٽو اڳواڻ منير بروهي، وزير کوسو، ذوالفقار مگسي، پي ٽي آء اڳواڻ ميڊم ناهيد کهاوڙ، ايس ٽي پي اڳواڻ حيات تونيو، ايس يو پي اڳواڻ پير بخش ڀٽي، جي يو آء اڳواڻ مولانا مبين احمد مستوئي، سياسي سماجي اتحاد جي اڳواڻ قاسم سومرو، قومپرست اڳواڻ حبدار ميرجت، شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ نصير سيلرو امداد لوهر، سهڻي لوڌي، طالب سومرو ۽ ٻين سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پوليس هڪ بااثر شخص جي چرچ تي سپاف شهيد ڀٽو ڊگري ڪاليج جي جنرل سيڪريٽري بلاول بروهي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ۽ هڪ طرفي موقف جي حمايت ڪرڻ جي مذمت ڪندي هنن چيو ته پوليس هميشه سياسي جماعت جي ڪارڪنن مٿان مخالفن جي ونگار وهي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حيسائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي جيڪا ڪنهن به صورت برداشت نه ڪبي هنن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي شهيد ڀٽو اڳواڻ مٿان داخل ڪوڙو ڪيس خارج ڪرڻ گهرجي ۽ سوشل ميڊيا تي شهيد ڀٽو اڳواڻ سميت شهرين جي ڪردار ڪشي ڪندڙ هڪ بااثر شخص جي رستا روڪ ڪرڻ لاء مختلف جمائتن جي اڳواڻن تي ٻڌل 8 رڪني جدوجهد ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي جيڪا جلد گڏجاڻي ڪري لاءِ عمل جوڙيندي.
مٽي جي ذخيرن جي نمونن ۾ شيشي جهڙو مواد مواد دريافت
عمر ڪوٽ جو دورو، صحافين سان تعلقات وڌيڪ بھتر بنائڻ آهي
سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، مفت بجلي لاءِ قدم کڻون پيا
12 مئي تي آمر تعصب جي باهه ڀڙڪائي ۽ ڪراچي کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو
بجيٽ ۾ رعايتون مرحليوار ختم ڪرڻ جي تجويز
اسان کي 12 مئي جهڙن سانحن مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي :بلاول ڀٽو
آزاد ڪشمير صورتحال تي ڳڻتي، ڳالهين ذريعي معاملو حل ڪبو
معاشي استحڪام لاءِ ادارن جي نجڪاري ضروري آهي
اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جا حملا، 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد
لاهور ۾ اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 4 دهشتگرد مارجي ويا
افغانستان ۾ برساتن ۾ فوتين جو انگ 300 ٿي ويو،سوين گم
سموري دنيا ۾ اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي
آزاد ڪشمير ۾ مهانگي بجلي خلاف احتجاج، وڳوڙ، ڪيترائي زخمي
اسٽريٽ ڪرائم مزاحمتن تي قتلن ۾ اضافو ٿيو: آءِ جي سنڌ
صدر جو آزاد ڪشمير جي صورتحال تي هنگامي اجلاس طلب
آزاد ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ سبب انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس معطل
بلوچستان تي قبضو ڪندڙ هوش ڪن، امير جماعت اسلامي
انٽر ميڊيئيٽ جي سالياني امتحانن جو اعلان
غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ 27 فلسطيني شهيد
جيمز اينڊرسن جو ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان