اڄ يو اي اي ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان

اڄ يو اي اي ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ)ابو ظهبي ۾ قائم بين الاقوامي فلڪيات مرڪز جو چوڻ آهي ته ذوالحج 1446 هجري جو چنڊ 27 مئي تي نظر ايندو. ايسٽراناميڪل سينٽر جي عملدارن موجب، متحده عرب امارات ۾ ذوالحج جو چنڊ 27 مئي تي نظر اچڻ جو امڪان آهي، ۽ عيد الاضحيٰ 6 جون تي ٿيڻ جو امڪان آهي. ايسٽراناميڪل سينٽر جي عملدارن موجب، چنڊ ابو ظهبي ۾ دوربين ذريعي نظر ايندو. فلڪيات مرڪز جي عملدارن موجب، عمان، فلسطين جي شهر يروشلم ۽ قاهره ۾ چنڊ کي ننگي اک سان ڏسڻ ممڪن هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو