لاهور (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن کاتي پنجاب مسلم ليگ(ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري محمد اشرف کي گرفتار ڪري ورتو.ساهيوال جي تڪ 161 مان مسلم ليگ(ن) جي ٽڪيٽ تان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري محمد اشرف تي 157 ايڪڙ 1 ڪنال 16 مرلا سرڪاري زمين جعلسازي ذريعي محمد سليم پٽيواري ۽ رياست علي گرداور سان ملي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جو الزام آهي.اينٽي ڪرپشن کاتي الزام ثابت ٿيڻ تي ليگي قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري محمد اشرف کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب جوابدار هڪ فرضي شخص شريف احمد هاشمي جي جعلي الاٽميٽ ظاهر ڪري سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو هو.










