عمرڪوٽ(ن س)عمرڪوٽ ۾ اين اي 213 جي تڪ تي 17 اپريل تي ٿيندڙ ضمني چونڊ جون تياريون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويون آهن.چونڊ مهم گذريل رات 12 وڳي ختم ٿي وئي، جڏهن ته چونڊ مواد جي ترسيل اڄ کان شروع ٿيندي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار صبا ٽالپر ۽ جي ڊي اي جي حمايت يافته پي ٽي آءِ اميدوار لال چند مالهي جي وچ ۾ سخت مقابلي جي اميد آهي.تڪ ۾ ڪُل پولنگ اسٽيشنن جو تعداد 498 آهي، جن مان 269 کي حساس ۽ 91 کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.عمرڪوٽ ضلعي ۾ ضمني چونڊ جي موقعي تي 17 اپريل تي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.










