ايم ڪيو ايم پاڪستان مستقل قومي مصيبت قرار

ايم ڪيو ايم پاڪستان مستقل قومي مصيبت قرار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراِچي مرتضيٰ وهاب شهر ۾ صفائي جي صورتحال تي متحده قومي موومينٽ جي تنقيد جي جواب ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم مستقل قومي مصيبت قرار ڏئي ڇڏيو آهي.مرتضيٰ وهاب چيو ته مان ايم ڪيو ايم وارو نه آهيان، ڪراچي جي ضلعي وسطي ۾ پنجون ٽائون جماعت اسلامي وٽ آهي، اتي صورتحال بهتر نه آهي. ميئر ڪراچي چيو ته شهر جي مرڪزي شاهراهن جي صفائي سٿرائي شروع ڪئي وئي آهي. عبدالله هارون روڊ، برنس روڊ ۽ ٻين علائقن جي به عرق گلاب سان صفائي سٿرائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪراچي شهر ۾ 37 هزار ٽن کان وڌيڪ جانورن جا اوجهه کنيا ويا آهن. سمورن ضلعن ۾ جانورن جا اوجهه کڻڻ جو ڪم جاري آهي. مرتضي وهاب چيو ته ٽيلويزن تي صاف سٿرو پنجاب نطر اچي رهيو آهي اهو پنجاب حڪومت جي مينجمينٽ آهي پر اسان وٽ ميڊيا مينجمينٽ جي لاءِ پئسا نه آهن، مان ڪالهه کان روڊن تي گهمي رهيو آهيان پر ٻيا ماڻهو ٿڌين مشينن ۾ ويهي الزامن جي سياست ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو