ايراني سفير پاران بلوچستان لاءِ بجلي جي پيداوار وڌائڻ تي آمادگي ظاهر

ايراني سفير پاران بلوچستان لاءِ بجلي جي پيداوار وڌائڻ تي آمادگي ظاهر

اسلام آباد(بيورو)ايراني سفير پاڪستان جي صوبي بلوچستان لاءِ بجلي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ تياري جو اظهار ڪيو آهي.ايراني نيوز ايجنسي موجب منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ايراني سفير سيد محمد علي حسيني وچ ۾ ملاقات ۾ سي پيڪ، علائقائي ترقي ۽ اقتصادي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.خابرو اداري موجب اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ سامونڊي معاملن ۽ توانائي واري وزارت جا عملدار به موجود هئا. رپورٽ موجب رٿابندي واري وزير جي درخواست تي ايراني سفير بلوچستان لاءِ بجلي جي پيداوار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو