اسلام آباد(بيورو)ايراني سفير پاڪستان جي صوبي بلوچستان لاءِ بجلي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ تياري جو اظهار ڪيو آهي.ايراني نيوز ايجنسي موجب منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ايراني سفير سيد محمد علي حسيني وچ ۾ ملاقات ۾ سي پيڪ، علائقائي ترقي ۽ اقتصادي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.خابرو اداري موجب اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ سامونڊي معاملن ۽ توانائي واري وزارت جا عملدار به موجود هئا. رپورٽ موجب رٿابندي واري وزير جي درخواست تي ايراني سفير بلوچستان لاءِ بجلي جي پيداوار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.










