اي ڊي بي سان معاهدا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو: اياز صادق

اي ڊي بي سان معاهدا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو: اياز صادق

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير اياز صادق چيو آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان معاهدو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪري رهيو آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا بريفنگ دوران اياز صادق چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان ڪجهه منصوبن تي صحيحون ٿي رهيون آهن، اي ڊي بي سان سازگار شرطن تي 2.7 بلين ڊالرن جي قرض جو معاهدو ٿيو آهي.وفاقي وزير چيو ته رڳو اپريل کان وٺي 2.3 بلين ڊالر قرض جا معاهدا ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو خدشو هجي ها ته اهي معاهدا نه ٿين ها، معاهدا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان نادہندگان نه آهي، رڳو افواهون هلي رهيون آهن.،هن وڌيڪ چيو ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي جنهن جو تاثر پکڙجي رهيو آهي ته پاڪستان ڏيوالپڻي يا مالي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، جيڪڏهن اهڙي صورتحال هجي ها ته معاهدي تي صحيحون نه ٿين ها.

پهنجو تبصرو موڪليو