بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني موبائيل فون ڪمپني اوپو دنيا جي تيز ترين چارجنگ ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن وقت دنيا ۾ 65 واٽ تيز ترين چارجنگ جي سهولت موجود آهي جڏهن ته اوپو 125 واٽ سپر فليش چارجنگ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. 15 جولاءِ تي چين ۾ اها شروع ٿيندي ۽ ان وقعي تي صارفين کي ڊيمو به ڏنو ويندو.اوپ رينو ايس ڪي 4000 ايم اي ايڇ بيٽري 65 واٽ چارجنگ سان 10 منٽن ۾ 48 سيڪڙو بيٽري چارج ٿي وڃي ٿي ان حساب سان امڪان آهي ته اوپو جي نئين فاسٽ چارجنگ سبب 10 منٽ ۾ بيٽري فل ٿي وڃي.










