ممبئي (ويب ڊيسڪ)ٽُوئيٽر جي سي اي او ايلون مسڪ ڀارت ۾ 3 مان 2 آفيسون بند ڪري ڇڏيون آهن.ڀارتي ميڊيا موجب راڄڌاني نئين دهلي ۽ ممبئي ۾ موجود ٽوئيٽر آفيسون بند ڪيون ويون آهن.رپورٽن مطابق انهن آفيسن جي عملي کي گهر کان ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ملازمن کي گهر کان ڪم ڪرڻ جا حڪم ايلون مسڪ جي خرچن ۾ گهٽتائي جي مهم جو حصو آهن.ياد رهي ته Twitter گذريل سال هندستان ۾ پنهنجي 90 سيڪڙو عملي کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي.










