مانجهند(مهراڻ عمراڻي) سن ويجهو انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثو 2 فوت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. انڊس هاءِ وي تي آمري کان ڳوٺ وڏا ڇڇر ويندڙ ٽريڪٽر کي لاڙڪاڻو کان ڪراچي طرف ويندڙ مسافر ڪوچ جو پويان ٽڪر هڻڻ جي نتيجي ۾ ٽريڪٽر سوار 70 ورهين جو وڏا ڇڇر رهواسي محمد ملوڪ ڇڇر موقعي تي فوت ٿي ويو. جڏهن ته اسماعيل ڇڇر ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور عاشق رند زخمي هئا پر بعد ۾ 25 سالن جو ڊرائيور عاشق رند به فوت ٿي ويو. ڪوچ م سوار 4 مسافر سخت زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ماڻھن سن هيلٿ سينٽر کان پو۽ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ تعلقه اسپتال منتقل ڪيو. وڏا ڇڇر پوليس ٻنهي گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو پر ڪوچ ڊرائيور فرار ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيوهو. علائقي ۾ چوٻول هلن پيا ته پوليس پئسا وٺي ڪوچ ڊرائيور کي فرار ڄاڻايو آهي.










