انڊس هاءِ وي تي حادثو 2 فوت 5 زخمي

انڊس هاءِ وي تي حادثو 2 فوت 5 زخمي

مانجهند(مهراڻ عمراڻي) سن ويجهو انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثو 2 فوت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. انڊس هاءِ وي تي آمري کان ڳوٺ وڏا ڇڇر ويندڙ ٽريڪٽر کي  لاڙڪاڻو کان ڪراچي  طرف ويندڙ مسافر ڪوچ جو پويان ٽڪر هڻڻ جي نتيجي ۾ ٽريڪٽر سوار  70 ورهين جو وڏا ڇڇر رهواسي محمد ملوڪ ڇڇر موقعي تي فوت ٿي ويو. جڏهن ته  اسماعيل ڇڇر ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور عاشق رند زخمي هئا پر بعد ۾ 25 سالن جو ڊرائيور عاشق رند به فوت ٿي ويو. ڪوچ م سوار 4 مسافر سخت زخمي ٿي پيا جن کي  مقامي ماڻھن سن هيلٿ سينٽر کان پو۽ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ تعلقه اسپتال منتقل ڪيو. وڏا ڇڇر پوليس ٻنهي گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو پر ڪوچ ڊرائيور فرار ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيوهو. علائقي ۾ چوٻول هلن پيا ته پوليس پئسا وٺي ڪوچ ڊرائيور کي فرار ڄاڻايو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو