انٽرنيٽ ۾ فني خرابي جو سبب سامهون اچي ويو

انٽرنيٽ ۾ فني خرابي جو سبب سامهون اچي ويو

اسلام آباد(بيورو)مصر ۽ اٽلي جي ويجهو عالمي سب ميرين ڪيبل ۾ فني خرابي سبب پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي حصن ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي آهي.پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جو چوڻ آهي ته ابتدائي ڄاڻ موجب مصر جي ويجهو ڊبل اي ون ۽ ايس ايم 5 ڪيبل ۾ فني خرابي پيدا ٿي هئي. پي ٽي اي موجب عالمي سب ميرين ڪيبل جي بحالي تي ڪم جاري آهي پر پاڪستان ۾ انٽرنيٽ سروس بحال ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو