ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ کي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان به ڏنو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ کي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وزارت ملڻ باوجود شرجيل انعام ميمڻ وٽ ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز جا قلمدان به آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناصر شاهه ۽ شرجيل ٻئي اطلاعات جي وزرات جا خواهشمند هئا جنهن سبب اڳ ۾ فيصلو نه ٿي سگهيو هو.










