اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي خطري سبب سيڪيورٽي انتظام سخت

اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي خطري سبب سيڪيورٽي انتظام سخت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي 25 مختلف هنڌن تي عارضي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن.پوليس موجب ريڊ زون جي داخلي رستن جي سيف سٽي ڪيمرائن سان رڪارڊنگ ڪئي ويندي جڏهن ته ميٽرو سروس جي مسافرن جي وڊيو رڪارڊنگ ڪئي ويندي. شهرين کي گذارش آهي ته هو پاڻ سان گڏ سڃاڻپ ڪارڊ رکن.پوليس هدايت ڪئي آهي ته گاڏين تي ايڪسائيز آفيس مان جاري ٿيل نمبر پليٽ استعمال ڪئي وڃي. بنا نمبر پليٽ ۽ غير رجسٽرڊ ٿيل گاڏين خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.پوليس طرفان پرڏيهي شهرين کي به پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي به رجسٽريشن ويجهي پوليس اسٽيشن يا خدمت مرڪز تي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جن ماڻهن عير رجسٽرڊ مقامي يا پرڏيهي ملازم رکيا آهن انهن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو. ڪنهن به شڪي سرگرمي جي اطلاع پڪار 15 تي ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو