وفاق پاران سولر تي ٽئڪس جي مخالفت ڪريون ٿا، شاهه

وفاق پاران سولر تي ٽئڪس جي مخالفت ڪريون ٿا، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ترقياتي ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ اهو واحد صوبو آهي، جنهن 1450 ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪيون آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت 2013 کان پوءِ ڪراچي لاءِ ڪا به وڏي اسڪيم نه رکي آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ، مصطفيٰ ڪمال پڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي ته ڪراچي جي ترقي لاءِ سڀ کان وڌيڪ رقم آصف علي زرداري طرفان ڏني وئي، جيڪا هاڻي ڪراچي جي تاريخ جو حصو بڻجي وئي آهي.سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي سڄي ملڪ جي معيشت ۾ اهم حصو ڏئي ٿو، پر ان جي باوجود ڪراچي تي ڌيان ڏيڻ بدران ماڻهو رڳو مگرمڇن جا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ روزانو وڏي انگ ۾ ماڻهو اچي رهيا آهن ۽ آباد ٿي رهيا آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن مطابق، پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت پوري صوبي ۾ عوام جي بي لوث خدمت ڪري رهي آهي ۽ اها خدمت مستقبل ۾ به جاري رهندي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي مهرباني سان ايندڙ مالي سال لاءِ ڪراچي لاءِ ميگا ترقياتي منصوبا رکيا ويا آهن. ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي عوامي خدمتن ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي هر چونڊ ۾ ووٽ جو گراف مٿي وڃي رهيو آهي، ۽ 2029 جي چونڊن ۾ به ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام پنهنجو ووٽ رڳو پيپلز پارٽي کي ڏيندو. توانائي واري وزير وڌيڪ چيو ته هو وفاق پاران سولر تي لڳايل ٽئڪس جي سخت مخالفت ڪن ٿا ۽ وفاق کان مطالبو ڪن ٿا ته سولر تي لڳايل ٽئڪس ختم ڪيو وڃي ۽ ان کي صفر سيڪڙو ڪيو وڃي. ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي زيادتين سبب ماڻهو تمام پريشان آهن، جڏهن ته حيسڪو ۽ سيپڪو طرفان پڻ غير اعلانيه لوڊشيڊنگ سبب عوام تنگ اچي چڪي آهي. اضافي ۽ ايوريج بلنگ انهن ادارن جو معمول بڻجي چڪو آهي.سنڌ سرڪار، عوام کي اضافي ۽ اوسط بلنگ کان ۽ لوڊشيڊنگ کان نجات ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ اڳتي به کڻندي.

پهنجو تبصرو موڪليو