اجي لالواڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جرنلسٽس يونين پاران احتجاج

اجي لالواڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جرنلسٽس يونين پاران احتجاج

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) صالح پٽ ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل صحافي اجي لالواڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شڪارپور يونين آف جرنلسٽس پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شڪارپور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  مظاهري جي اڳواڻي شڪارپور يونين آف جرنلسٽس جو صدر آغا اسرار پٺاڻ، جنرل سيڪريٽري عبدالسلام انڙ، شڪارپور پريس ڪلب جو صدر سوڍو جيمس، رحمت الله سومرو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، مظاهرين کي هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ ڪارا جھنڊا کنيل هئا، مظاهرين پاران صحافي اجي ڪمار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته صالح پٽ ۾ ڏينهن ڏٺي جو نجي ٽي وي جي رپورٽر نوجوان صحافي اجي لالواڻي تي هٿياربندن حملو ڪري کيس قتل ڪيو آهي. جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا 3 ڏينهن گذرڻ باوجود صحافي جا قاتل گرفتار ناهن ٿي سگھيا، صحافي اجي لالواڻي جو قتل ملڪ ۾ آزاد صحافت تي حملو آهي، سندس قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو، هنن مطالبو ڪيو ته صحافي اجي لالواڻي جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو