واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل آءِ فون 11 جي مرمت لاءِ مفت پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن جي تحت صارفين پنهنجي فون جي ڊسپلي جي خرابي کي صحيح ڪرائي سگهندا.ايپل موجب نومبر 2019 کان مئي 2020 جي دوران تيار ڪيل آءِ فون 11 جي ماڊلز ۾ صارفين طرفان خرابين جون شڪايتون ملي رهيون هيون. ڪمپني جو چوڻ آهي ته هي خرابيون ڊسپلي موڊيول جي ناڪامي سبب سامهون آيون آهن ۽ فون صحيح ڪم ڪرڻ جي لاءِ ان کي تبديل ڪرائڻ جي ضرورت پيش ايندي آهي.هاڻ ايپل طرفان هن ريپليسمنٽ پروگرام جي شروعات ڪئي وئي آهي جيڪو صرف آءِ فون 11 جي صارفين جي لاءِ آهي هي پروگرام آءِ فون 11 پرو ۽ پروميڪس جي لاءِ ناهي.صارفين ايپل سپورٽ ويب سائٽ تي وڃي پنهنجي فون جي سيريل نمبر جي مدد سان ان پروگرام جي ذريعي پنهنجي فون جي خرابي کي ختم ڪرائي سگهن ٿا.










