ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بي آر ٽي ييلو لائين منصوبي ۾ مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ هڪ جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بي آر ٽي يلو لائن منصوبي ۾ 8.5 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي جي ضمانت منظور ڪئي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ضمير عباسي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ جوابدار خلاف غبن جي الزامن جي وڌيڪ جاچ جو حڪم ڏنو.عدالت جوابدار کي 10 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.ياد رهي ته اينٽي ڪرپشن ڪورٽ اڳ ۾ ضمير عباسي جي ضمانت جي درخواست رد ڪري چڪي هئي.










