زين شاهه کي 22 آڪٽوبر تي اين سي سي آءِ اي طلب ڪري ورتو

زين شاهه کي 22 آڪٽوبر تي اين سي سي آءِ اي طلب ڪري ورتو

حيدرآباد (ن س) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) آن لائن بدناميءَ بابت شڪايت جي جاچ جي سلسلي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي صدر سيد زين شاهه کي 22 آڪٽوبر تي ڪراچيءَ ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ايس يو پي فيصلو ڪيو آهي ته سيد زين شاهه ذاتي حيثيت ۾ اين سي سي آءِ اي آڏو پيش نه ٿيندو، پر سندس جاءِ تي وڪيل پيش ٿي پنهنجو موقف پيش ڪندا. هوڏانهن ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، سيد زين شاهه خلاف مبينا سياسي انتقام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اختلاف راءِ رکڻ ڪو ڏوهه ناهي. هن چيو ته ڪنهن به اداري کي انهن ماڻهن کي ڊيڄارڻ، هيسائڻ يا دٻاءَ ۾ آڻڻ لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي پنهنجن اصولن تي قائم آهن ۽ عوام جي حقن لاءِ پرامن جدوجهد ڪن ٿا. ذوالفقار ڀٽو جونيئر جو چوڻ هو ته سياسي اختلاف رکندڙ ماڻهن کي هيسائڻ بدران سندن راءِ ۽ جمهوري حقن جو احترام ٿيڻ گهرجي. سيد زين شاهه کي طلب ڪرڻ واري معاملي ۽ سندس خلاف سياسي انتقام جي الزامن تي سياسي حلقن ۾ بحث شروع ٿي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو