سکر: (ن س) سکر ڀرسان جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي نوجوان ناري کي قتل ڪري ڇڏيو. سکر ڀرسان تماچاڻي ٿاڻي جي حد گوسڙجي واري علائقي ۾ جوابدارن گهر ۾ فائرنگ ڪري ناري سعديه ڌيءَ قربان مهر کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب، جوابدارن فائرنگ ڪري سعديه مهر کي قتل ڪيو، جڏهن ته ناري جي ويجهي رشتيدار مختيار مهر پوليس کي ٻڌايو آهي ته جوابدارن گوليون هڻي سندس ڀائٽي سعديه کي قتل ڪيو.هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناري کي گهرڀاتين مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.










