يمن ۾ جنگ تيز، سعودي ۽ ڏکڻ يمن تي حوثين پاران ميزائيل فائر

يمن ۾ جنگ تيز، سعودي ۽ ڏکڻ يمن تي حوثين پاران ميزائيل فائر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)يمن ۾ جاري جنگ هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اختيار ڪري وئي آهي. انصارالله (حوثي) گروپ سعودي عرب ۽ ڏکڻ يمن ۾ ڪيترائي ميزائل حملا ڪيا آهن، جڏهن ته مختلف محاذن تي زميني ويڙهه پڻ تيز ٿي وئي آهي. سعودي قيادت واري اتحاد موجب رياض جي اتر ۾ حوثين طرفان فائر ڪيل هڪ بيلسٽڪ ميزائل کي فضائي دفاعي نظام رستي ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو.
ٻئي طرف عدن جي سلامتي واري اداري جي ميڊيا آفيس جو چوڻ آهي ته حوثين طرفان فائر ڪيل ٻه ميزائل عدن انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي نشانو بڻائڻ لاءِ فائر ڪيا ويا. اختيارين موجب حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
اهي حملا اهڙي وقت ٿيا آهن، جڏهن يمن جي مختلف محاذن تي وڏي پيماني تي فوجي ڪارروايون جاري آهن. سعودي عرب جي حمايت يافته حڪومتي فوجون گذريل ڪجهه هفتن کان حوثين جي قبضي هيٺ علائقن، خاص طور تي اولهه واري سامونڊي پٽي ۽ آبنائي باب المندب جي چوڌاري، ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن.
سعودي سول ايويئيشن اٿارٽي موجب يمني سرحد جي ويجهو جازان ۽ نجران جي هوائي اڏن تي ٿيل حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڄڻا زخمي ٿيا.
جيتوڻيڪ سعودي اختيارين رياض جي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي نشانو بڻائڻ جي باضابطه تصديق ناهي ڪئي، پر فضائي ٽريفڪ جي نگراني ڪندڙ ويب سائيٽ فلائيٽ ريڊار24 موجب ان دوران ايئرپورٽ جي فضائي حدن ۾ بار بار عارضي بندش ڏٺي وئي.
جنگي ڏوهن جا الزام
ان دوران باب المندب جي ويجهو ويڙهه جي هڪ وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي.
خبرون ڏيندڙ اداري روئٽرز موجب وڊيو جي تصديق ٿي چڪي آهي. وڊيو ۾ بڪتر بند گاڏين کي اهڙن ماڻهن ڏانهن وڌندي ڏسي سگهجي ٿو، جن مان ڪجهه هٿياربند ۽ ڪجهه بظاهر غير هٿياربند نظر اچن ٿا. ڪجهه ماڻهو هٿ مٿي کنيل حالت ۾، ويٺل يا زمين تي ليٽيل پڻ نظر اچن ٿا.
حوثين هن واقعي کي جنگي ڏوهه قرار ڏيندي حڪومتي فوجن تي سخت تنقيد ڪئي آهي. انهن جو چوڻ آهي ته هي وڊيو سندن مخالفن جي ”حقيقي نوعيت“ کي وائکو ڪري ٿي.
بهرحال، باب المندب جي محاذ تي سرگرم جائنٽس برگيڊز جي ترجمان چيو آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. سندس مطابق فوجن کي اطلاع مليو هو ته حوثي ويڙهاڪ هٿيار ڦٽا ڪري رهيا آهن، پر پوءِ ڪجهه ماڻهن حڪومتي اهلڪارن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني.
سعودي قيادت واري اتحاد وڊيو يا لڳايل الزامن تي فوري طور ڪو تبصرو نه ڪيو. البته هوم لينڊ شيلڊ فورسز پنهنجي اهلڪارن کي هدايت ڪئي آهي ته قيدين سان انساني، اخلاقي ۽ قانوني اصولن مطابق ورتاءُ ڪيو وڃي.
باب المندب جي چوڌاري شديد ويڙهه
دنيا جي اهم ترين سامونڊي گذرگاهن ۾ شمار ٿيندڙ آبنائي باب المندب جي چوڌاري ويڙهه بدستور جاري آهي.
حڪومتي فوجن جو دعويٰ آهي ته انهن گذريل مهيني حوثين جي قبضي هيٺ ڪيترن ئي علائقن تي ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي. سومر جي رات فوجن ڪيترن ئي محاذن تي ڪاميابين جو اعلان ڪندي چيو ته تعز صوبي جي مختلف علائقن مان حوثين کي پوئتي ڌڪي ويو آهي، جڏهن ته مارب صوبي جي ڏاکڻين علائقن ۾ پڻ اڳڀرائي ٿي آهي.
پاڪستان جي حڪومت جي وضاحت
اطلاعات واري کاتي 3 آڪٽوبر تي روئٽرز جي ان خبر جي ترديد ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته 30 کان 40 هزار پاڪستاي فوجي سعودي عرب ۾ يمن جي جنگ لاءِ تعينات ڪيا ويا آهن.
اطلاعات کاتي موجب پاڪستان سعودي عرب جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، مڪي ۽ مديني جي تحفظ کي پنهنجي ذميواري سمجهي ٿو پر آپريشنل تفصيل ڳجها آهن. ان ڪري ان بابت افواهن کان پاسو ڪيو وڃي.
يمن خلاف جنگ ترڪي جي جنگ ناهي
بي بي سي جي رپورٽ موجب ترڪي ۾ اهو بحث شروع ٿي ويو آهي ته يمن خلاف سعودي عرب ۽ ان جي اتحادين جي جنگ ترڪيه جي جنگ ناهي. ترڪيه حڪومت جي حامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سعودي عرب کي فوجي امداد ته فراهم ڪري سگهجي ٿي پر ترڪ فوجي دستا تعينات نه ڪيا ويندا، ڇو ته ان لاِ ترڪيه جي پارليامينٽ جي منظوري گهرجي.
اهو بحث اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن 5 آڪٽوبر تي رياض ۾ گهرايل مڪا اتحاد تي عمل ڪرائڻ لاءِ گهرايل ايمرجنسي اجلاس جي جاري ڪيل اعلان ۾ چيو ويو هو ته سعودي عرب جي دفاع لاءِ ٻڏل آهيون پر گڏيل فوج جي تعيناتي هر ملڪ جي قانون موجب ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو