واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)اوول آفيس ۾ صدر ٽرمپ ۽ چيني صدر شي جنپنگ ۾ باضابطا ڳالهيون ٿيون. آمريڪي صدر سان گڏ نائب صدر جي ڊي وينس ۽ پرڏيهي سيڪريٽري مارڪو روبيو موجود هئا جڏهن ته چيني صدر سان پرڏيهي وزير وانگ يي موجود هو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن پاران ڪجهه مثبت سگنل ته ڏنا پيا وڃن پر ڪنهن وڏي بريڪ ٿرو جو امڪان گهٽ آهي. ان کان اڳ چيني صدر شي جن پنگ وائيٽ هائوس پهچڻ بعد ابتدائي بيان ۾ چيو ته هو ”خوبصورت“ آمريڪا جو سرڪاري دورو ڪرڻ تي تمام گهڻو خوش آهي. چيني اڳواڻ ٽرمپ خاندان جي ميزباني تي شڪريو ادا ڪيو ۽ آمريڪا جي آزاديءَ جي 250هين سالگرهه تي کين مبارڪباد ڏني. شي جن پنگ چيو ته چين ۽ آمريڪا ٻئي عظيم ملڪ آهن، جن جا ماڻهو پڻ عظيم آهن. هن چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي دوستي کي جاري رکڻ ۽ تعاون کي وڌائڻ لاءِ آمريڪا آيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته چين ۽ آمريڪا ٻن وڏين قومن جي حيثيت سان انساني ترقي ۽ اڳڀرائي کي اڳتي وڌائڻ جي تاريخي ذميواري رکن ٿا. شي جن پنگ چيو ته هو صدر ٽرمپ سان گڏجي چين ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جي وڏي ٻيڙي کي هڪ مستحڪم مستقبل ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي پنهنجي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرجي. چيني صدر چيو: ”چين ۽ آمريڪا مختلف آهن… پر صاف، گهري ۽ مسلسل ڳالهين ذريعي اسان جا ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي وڌيڪ بهتر سمجهي سگهن ٿا ۽ باهمي اعتماد پيدا ڪري سگهن ٿا.“ شي وڌيڪ چيو ته هو ۽ صدر ٽرمپ هڪ ٻئي جو احترام ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهن ٿا. هن چيو: ”اسان کي خلوص سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.“ هن ٻنهي ملڪن جي مفادن کي ”هڪ ٻئي سان گهريءَ طرح ڳنڍيل“ قرار ڏنو. شي چيو ته ٻنهي ملڪن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جون ڪافي گنجائشون موجود آهن. هن چيو ته جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن جو تعاون ”دنيا جو هر مسئلو حل نٿو ڪري سگهي“، پر ان تعاون کان سواءِ دنيا جا ڪيترائي مسئلا حل ڪرڻ ڏکيو هوندو. شي جن پنگ وڌيڪ چيو ته کيس اميد آهي ته ”چيني ڪمپنين سان هتي آمريڪا ۾ منصفاڻو ورتاءُ ڪيو ويندو.“ هن چيو ته آمريڪا ۽ چين ٻنهي جي ذميواري آهي ته مصنوعي ذهانت (AI) کي انسانيت جي ڀلائي لاءِ ترقي ڏين، يقيني بڻائين ته اها انساني ڪنٽرول هيٺ رهي ۽ ماڻهن لاءِ فائديمند هجي. شي وڌيڪ چيو ته بيجنگ واشنگٽن سان واپار جي شعبي ۾ تعاون لاءِ تيار آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ مقابلو ”صحتمند“ هجڻ گهرجي. هن چيو ته اهو مقابلو هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش هجي، نه ته اهو طئي ڪرڻ جي ڊوڙ ته ڪير کٽي ٿو ۽ ڪير هارائي ٿو. چيني صدر ايندڙ 5 سالن دوران هڪ لک آمريڪي شاگردن کي چين ۾ پڙهڻ جي پيشڪش ڪئي. هن ايٽلانٽا جي چڙيا گهر لاءِ 2 چيني پانڊا تحفي طور ڏيڻ جو به اعلان ڪيو.
ٽرمپ پاران چين سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جو اعلان
صدر ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ آمريڪي بحري فوج جي لفظ ”گنگ هو“ (gung-ho) استعمال ڪرڻ جو ذڪر ڪيو، جيڪو هن موجب چين مان ورتل آهي ۽ چيني ٻوليءَ ۾ ان جو مطلب ”گڏجي ڪم ڪرڻ“ آهي. ٽرمپ چيو ته هو ۽ صدر شي گڏجي ڪم جاري رکندا. ان کان پوءِ هن شي جن پنگ ۽ سندس گهرواري کي آمريڪا اچڻ تي ڀليڪار چيو. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ چين گڏجي ڪم ڪندي ”اسان ٻنهي ملڪن کي درپيش مسئلن تي زبردست اڳڀرائي ڪئي آهي.“ هن چيو ته ٻئي ملڪ ”وڌيڪ متوازن واپاري لاڳاپن“ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ”آمريڪي هارين ۽ مال پاليندڙن لاءِ نئين مارڪيٽن تائين رسائي“ پڻ شامل آهي. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ سلامتي، ٽيڪنالاجي ۽ سپر انٽيليجنس بابت اهم معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هن چيو ته اڄ انهن شعبن ۾ ڪيل فيصلا ”ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين امن ۽ خوشحالي کي هٿي ڏئي سگهن ٿا.“ ٽرمپ وڌيڪ چيو: ”اسان جا ٻئي ملڪ، حقيقت ۾، تقريباً ساڳيو ئي ڪم ڪن ٿا ــ ۽ اسان کي ان ڳالهه ۽ پنهنجي لاڳاپن تي تمام گهڻو فخر آهي.“ چيني صدر کي آمريڪا ۾ غيرمعمولي پروٽوڪول ڏنو ويو، اوول آفيس جي ڇت تي آمريڪي فوجي دستي آمريڪا ۽ چين جا جهنڊا کڻي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آمريڪي ميڊيا جي بائيڪاٽ سبب لائيو منظر ڏسڻ ۾ نه آيا. ٽرمپ انتظاميا عدالتي حڪم باوجود، سي اين اين، ايم ايس نائو ۽ پوليٽيڪو جي نمائندن کي داخلا جي اجازت نه ڏني ته ٻين خابرو ادارن به ڪوريج جو بائيڪاٽ ڪيو.
چيني صدر جي وائيٽ هائوس آمد ۽ ڀرپور استقبال
چين جو صدر شي جنپنگ فرسٽ ليڊي پينگ لييوان ۽ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ وائيٽ هائوس پهچي ويو آهي. جتي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فرسٽ ليڊي ميلانيا سندس ڀرپور آجيان ڪئي. ان کان اڳ ٽرمپ چيو هو ته شي جن پنگ سان ملاقات ۾ مصنوعي ذهانت اهم موضوع هوندو. ٽرمپ خميس ڏينهن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي لکيو: ”چين جي صدر شي سان هڪ اهم ڏينهن آهي. سپر انٽيليجنس (SI) ڳالهه ٻولهه جو هڪ اهم موضوع هوندو، پر مان چاهيان ٿو ته ان کي بلڪل اتي ئي رکيو وڃي جتي اهو هن وقت آهي.“
ٽرمپ تازو ئي مصنوعي ذهانت لاءِ ”سپر انٽيليجنس“ جو اصطلاح استعمال ڪندو رهيو آهي. ”چين جو موقف به اهو ئي آهي. اسان جي حفاظتي حد انصاف واري کاتي (DOJ) جي ذميواري آهي!“
ٽرمپ اڪثر ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو آهي ته مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ چين کان اڳتي رهڻ ضروري آهي. هن تازو چيو هو ته آمريڪا ”AI ۾ چين کان اڳتي آهي… ۽ سچ پڇو ته مان چاهيان ٿو ته ائين ئي رهي، ڇاڪاڻ ته جيڪو AI کٽي ٿو، اهو ئي فتح حاصل ڪري ٿو.“
جيتوڻيڪ چيني صدر جو دورو اڃا شروع ئي ٿيو آهي، پر هن وقت تائين ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گرمجوشي نظر آئي آهي. ٽرمپ اربع جي شام شي جن پنگ ۽ سندس گهرواري کي جوائنٽ بيس اينڊريوز تي پهچڻ وقت پاڻ ايئر بيس تي وڃي استقبال ڪيو.
ٽرمپ خميس جي صبح لکيو: ”مون ڪالهه جهاز تي صدر شي سان ملاقات ڪئي ۽ هو مضبوط، توانو ۽ صحتمند نظر اچي رهيو هو ــ اڳ کان به بهتر. مسز شي، يقيناً، تمام خوبصورت!“
وائيٽ هائوس جي صحافين لاءِ جاري ڪيل رپورٽ موجب صدر ٽرمپ چيو ته هو چيني صدر شي جن پنگ جي دوري دوران ايران ۾ جاري جنگ جي صورتحال ۽ ”ٻين ڪيترن ئي معاملن“ بابت به ڳالهائيندو.
اربع جي رات وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو:
”سڀ ڪجهه اڳتي وڌي رهيو آهي.“
ٽرمپ ۽ شي جي ملاقات جو ايجنڊا
بي بي سي موجب صدر ٽرمپ ۽ صدر شي جي اڄ واشنگٽن ۾ شروع ٿيندڙ سربراهي ملاقات جو ايجنڊا تمام مصروف هوندو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترائي اهم اختلاف موجود آهن، جن کي وائيٽ هائوس ۾ ٿيندڙ هن شاندار ۽ رسمي ملاقات دوران ختم ڪرڻ ممڪن نظر نٿو اچي.
واپار ٻنهي ملڪن لاءِ اهم ترين ترجيحن مان هڪ آهي. آمريڪي ۽ چيني عملدارن هن هفتي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي واپار بابت ڳالهيون ڪيون، پر بي بي سي کي ذريعن ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي.
ٽرمپ جي محصولن واري پاليسين سبب شروع ٿيل واپاري جنگ ۾، ٻنهي ملڪن مان ڪوبه پوئتي هٽڻ نٿو چاهي، جيتوڻيڪ گذريل سال ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل واپاري جنگ بندي جي معاهدي کي وڌائڻ جي آخري تاريخ ويجهو اچي رهي آهي.
مصنوعي ذهانت جا ضابطا پڻ ڳالهين جي ايجنڊا تي آهن. چين پنهنجي ٽيڪنالاجي جي شعبي، جنهن ۾ مصنوعي ذهانت به شامل آهي، تي ضابطا لاڳو ڪيا آهن، جڏهن ته آمريڪا اهڙا ضابطا لاڳو نه ڪيا آهن. ٽرمپ گذريل ڪجهه هفتن دوران گهٽ ضابطن جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سندس دليل آهي ته وڌيڪ ضابطا آمريڪا جي چين مٿان AI جي برتري برقرار رکڻ جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهن ٿا.
تائيوان لاءِ آمريڪي حمايت ۽ هٿيارن جي فراهمي پڻ ٽرمپ ۽ شي جي وچ ۾ ڳالهين دوران سامهون اچڻ جي اميد آهي. ٽرمپ تائيوان لاءِ هڪ وڏي هٿيارن جي پيڪيج جي فراهمي ملتوي ڪري ڇڏي آهي ۽ اهو سوال موجود آهي ته ڇا شي کيس اها پابندي برقرار رکڻ تي قائل ڪري سگهي ٿو.
وائيٽ هائوس ۾ شاندار سرڪاري تقريبون
اڄ صدر ٽرمپ ۽ خاتون اول ميلانيا ٽرمپ جي صدر شي جن پنگ ۽ سندس گهرواري پينگ لي يوان جي ميزباني ڪندا.
هن ڏينهن ۾ شاندار سرڪاري تقريبن سان گڏ اهم سياسي ۽ واپاري ڳالهيون پڻ ٿينديون.
پهرين آمد جي شاندار تقريب ٿيندي، جنهن کان پوءِ وائيٽ هائوس جي روز گارڊن ۾ فوجي دستن جو معائنو ڪيو ويندو. ان کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ شي جن پنگ وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ٿيندي. ڏينهن جي آخر ۾ سرڪاري ڊنر ٿيندو، جنهن ۾ آمريڪي ۽ چيني عملدارن سان گڏ ٽيڪنالاجي جي وڏين ڪمپنين جا سربراهه پڻ شرڪت ڪندا. ٽرمپ ۽ شي ٻئي خطاب به ڪندا.
شي جن پنگ جي بدلجندڙ حيثيت
چيني صدر شي جن پنگ هاڻي ان وقت جي ڀيٽ ۾ تمام مضبوط حيثيت ۾ آهي، جڏهن هن 2017ع ۾ پهريون ڀيرو ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي هئي.
ان وقت چين آمريڪي واپار ۽ ٽيڪنالاجي تي وڏي حد تائين ڀاڙيندو هو، پر بيجنگ گذريل نون سالن دوران انهن ٻنهي شعبن ۾ پنهنجي ڪمزورين کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪم ڪيو آهي.
هاڻي چين 120 کان وڌيڪ ملڪن جو اهم ترين واپاري ساٿي آهي. چين کي پنهنجي شين جي خريداري لاءِ هاڻي آمريڪا تي اڳ وانگر ڀاڙڻو نه پوندو ۽ هن ٽرمپ طرفان لاڳو ڪيل واپاري محصولن جو به مقابلو ڪيو آهي.
چيني ڪمپنين ٽيڪنالاجي جي فرق کي به ڪافي حد تائين گهٽ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ۽ هاڻي دنيا جا وڏي اڪثريتي انساني شڪل وارا روبوٽ چين ۾ تيار ٿين ٿا.
چين دنيا جي سڀ کان وڏي منڊي هجڻ واري پنهنجي حيثيت کي اثر وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي، ايستائين جو آمريڪا جي روايتي اتحادي ملڪن ۾ به. شي جن پنگ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم اڳواڻ جي تصوير پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن کي هو غير متوقع طور بيان ڪيل ڊونلڊ ٽرمپ جي مقابلي ۾ پيش ڪري ٿو.
هن سربراهي اجلاس جو پاڻ ۾ ايترو شاندار انداز سان منعقد ٿيڻ به شي جن پنگ لاءِ اهم سفارتي حيثيت جو اظهار آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان عالمي سطح تي هو ٽرمپ جي برابر حيثيت رکندڙ اڳواڻ طور نظر اچي ٿو.
ڳالهيون شروع ٿيڻ وقت شي جن پنگ اهو سمجهندو ته دٻاءُ وجهڻ جي طاقت سندس هٿ ۾ آهي.
ڳاڙهو قالين ۽ واپاري جنگبندي ۾ واڌ: ڪالهه ڇا ٿيو؟
چيني صدر شي جن پنگ جي آمريڪا جي اهم دوري جو اڄ ٻيو ڏينهن آهي. ڪالهه پيش آيل اهم واقعن جو مختصر احوال هي آهي: شي جن پنگ جڏهن ميري لينڊ جي جوائنٽ بيس اينڊريوز تي پهتو ته سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي فوجي جهازن اڏام ڪئي ۽ 100 فوٽ (30 ميٽر) ڊگهو ڳاڙهو قالين وڇايو ويو. ٽرمپ پاڻ فوجي اڏي تي شي جن پنگ جو استقبال ڪيو. 1962ع کان پوءِ اهو پهريون ڀيرو هو جو ڪنهن آمريڪي صدر اتي پهچي ڪنهن پرڏيهي اڳواڻ جو ذاتي طور استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ۽ سندن گهروارين کي مسڪرائيندي ۽ هٿ ملائيندي ڏٺو ويو. هنن رن وي تي ٿوري ڳالهه ٻولهه به ڪئي، جنهن کان پوءِ ٻئي ڌار ڌار واشنگٽن روانا ٿي ويا.
چيني سرڪاري ميڊيا موجب شي جن پنگ هڪ لکيل بيان ۾ چيو ته چين ۽ آمريڪا کي ”حريفن بدران ساٿي“ هجڻ گهرجي. چيني سرڪاري ميڊيا اهو به ٻڌايو ته ٽرمپ شي جن پنگ کي ”عظيم اڳواڻ“ ۽ هن موقعي کي ”عظيم لمحو“ قرار ڏنو.
آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ اعلان ڪيو ته آمريڪا ۽ چين پنهنجي واپاري جنگ ۾ جنگبندي جنوري تائين وڌائي رهيا آهن.
بيسنٽ چيو ته ان ڳالهه تي پڻ بحث ٿيو ته مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ جامع واپاري معاهدو ٿي سگهي ٿو يا نه.
شي جن پنگ جو ٽن ڏينهن وارو دورو
چيني صدر شي جن پنگ اڄ وائيٽ هائوس ۾ صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪندو. اهو آمريڪا جو سندس ٽن ڏينهن وارو تاريخي دورو آهي ۽ 2015ع کان پوءِ واشنگٽن جو سندس پهريون دورو آهي.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻنهي ملڪن جي اهم مسئلن تي ڳالهين جي اميد آهي، جن ۾ واپاري محصول، مصنوعي ذهانت جا ضابطا ۽ ايران شامل آهن.
ڏينهن جي آخر ۾ ٻئي اڳواڻ آمريڪا ۽ چين جي وڏين AI ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن سان گڏ شاندار سرڪاري عشائيي ۾ شرڪت ڪندا.










