دنيا جو امن اسان جي علائقي مان پيدا ٿيندو: ايراني صدر

دنيا جو امن اسان جي علائقي مان پيدا ٿيندو: ايراني صدر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پيشڪريان چيو آهي ته جيڪڏهن دنيا ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻو آهي ته اهو اسان جي خطي مان نڪرندو.تهران ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪو به اهڙي قوم کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهي جيڪا پوري طاقت ۽ عزم سان بيٺل هجي.ايراني صدر چيو ته اسان جنگ شروع نه ڪئي ۽ نه ئي جنگ چاهيون ٿا، پر اسان ڪنهن به جارحيت ڪندڙ جي خلاف پوري طاقت سان بيٺا هونداسين ۽ ايران ڌمڪين جي اڳيان نه جهڪيندو.ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف نئين علائقائي معاهدن کي هڪ نئين دور جي شروعات قرار ڏنو آهي، جنهن ۾ پاڙيسري مسلمان ملڪ پنهنجي سلامتي لاءِ ٻاهرين طاقتن تي ڀروسو ڪرڻ بدران پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو ڪندا.ايراني ميڊيا موجب، اتحاد جي هفتي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾، باقر قاليباف چيو ته تازين علائقائي حالتن ثابت ڪيو آهي ته ٻاهرين طاقتون مسلمان ملڪن کي مستقل سلامتي فراهم نه ٿيون ڪري سگهن. علائقائي سلامتي مسلمان ملڪن جي مرضي، باهمي تعاون ۽ گڏيل ڪوششن تي ٻڌل هجڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته تازين واقعن مسلم اتحاد جي فائدن کي به واضح ڪري ڇڏيو آهي. مسلمانن جي وچ ۾ تعاون دشمن کي شڪست ڏيڻ ۽ بالادستي قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي پوئتي ڌڪڻ ۾ مدد ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو