ٻٻرلوءِ: (ن س) ٻٻرلوءِ ويجهو ڳوٺ ڪوڙو خان ميتلو ۾ مڙس جو مبينا طور زال کي گوليون هڻي قتل، پاڻ به خودڪشي جي ڪوشش، ٻٻرلوءِ ڀرسان ڳوٺ ڪوڙو خان ميتلو ۾ واقعو پيش آيو، جتي مڙس غلام سرور ميتلو مبينا طور پنهنجي زال کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي به فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي،گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ 48 ورهين جي مسمات مريم فوت ٿي وئي، جڏهن ته غلام سرور ميتلو سخت زخمي ٿي پيو، واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو،پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته مڙس جي حالت ۽ واقعي جي مڪمل سببن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










