ٽنڊوڄام:(ن س) ٽنڊوڄام مان اغوا ٿيل 17 ورهين جي ناري ٻن ڏينهن اندر بازياب ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي هدايتن تي ٽنڊوڄام پوليس وقت تي ڪارروائي ڪندي ٽنڊوڄام مان مبينا طور اغوا ٿيل 17 ورهين جي ناري کي ٻن ڏينهن اندر بازياب ڪرائي ورتو.پوليس موجب ٻه ڏينهن اڳ ٽنڊوڄام جي رهواسي محمود ڪوري پوليس کي اطلاع ڏنو ته عنايت علي سومرو منهنجي ڌي عيشا کي مبينا طور زبردستي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي، جنهن بعد واقعي جو ڪيس ڪرائم نمبر 229/2026 تحت قلم 365-B تعزيراتِ پاڪستان جي دفعات ۾ داخل ڪيو ويو.واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ، ايس ڊي پي او ٽنڊوڄام عنايت علي قريشي ۽ ايس ايڇ او ٽنڊوڄام انسپيڪٽر اياز علي بگھيو کي ناري جي فوري بازيابي لاءِ هدايتون جاري ڪيون. پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪندي ٽنڊوڄام ڦاٽڪ وٽان مغوي ناري مسمات عيشا کي بحفاظت بازياب ڪرائي ورتو. پوليس ناري کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جنهن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.










