ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ميمن ڳوٺ ۾ گهر اندر مبينا تشدد سبب عورت فوت ٿي وئي.پوليس عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس اختيارين موجب عورت تازو ئي پنهنجي مڙس کان طلاق ورتي هئي. ٻئي طرف فوتي عورت جي وارثن سندس اڳوڻي مڙس تي شڪ ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس وارثن جي ان دعويٰ کي شڪي قرار ڏنو آهي. واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.










