ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گلستانِ جوهر ۾ گذريل ڏينهن گهر اندر فائرنگ جي واقعي ۾ فوت ٿيل شخص جي قتل ڪيس ۾ سندس زال کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب مقتول تاجدار الله جي زال مبينا طور يونس ۽ عديل سان گڏجي پنهنجي مڙس کي قتل ڪيو. واقعي بابت مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي مقتول جي زال، يونس ۽ عديل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته فليٽ اندر فائرنگ ۾ فوت ٿيل تاجدار الله جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد اباڻي علائقي ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.










