حوثين جي آخر سعودي عرب سان ڪهڙي دشمني آهي؟

حوثين جي آخر سعودي عرب سان ڪهڙي دشمني آهي؟

ليکڪ: اعجاز مهر
هن وقت يمن جي ايران نواز حوثين جا سعودي عرب تي حملا روزانو وڌي رهيا آهن. اهو سڀ ڪجهه ٻنهي جي پراڻي تاريخي تڪرارن سبب نه پر موجوده حملا بنيادي طور يمن جي اندروني جنگ، سعودي عرب جي يمن جي حڪومت جي حمايت ۽ ڳاڙهي سمنڊ/باب المندب تي ڪنٽرول جي مقابلي سان لاڳاپيل آهن.
يمن جيڪو 1990 کان اڳ اتر يمن ۽ ڏکڻ يمن نالي ٻن ملڪن ۾ ورهايل هو، سعودي عرب جي ڪوششن سان ٻنهي ملڪن کي گڏي صدارتي ليڊرشپ ڪائونسل يعني پي ايل سي ٺاهي وئي. 8 ميمبرن واري هن ڪائونسل جو سربراهه ڊاڪٽر رشاد محمد العليمي آهي. ان ۾ مختلف جنگجو قبائلي اڳواڻ شامل آهن جن جا پنهنجا پنهنجا مفاد آهن. هي عالمي طور يمن جي تسليم ٿيل حڪومت آهي، هنن وٽ هڪ منظم فوج ناهي بلڪ 8 ميمبر اڳواڻن جا حمايت يافته جنگجو آهن. اڳ ۾ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات هنن جي حمايت ڪندا هئا پر اڳتي هلي عيدروس الزبيدي جا سعودي عرب سان اختلاف ٿيا ته هو ڪائونسل مان نڪري ويو.
عيدروس (ايدريس) الزبيدي تي گڏيل عرب امارات هٿ رکيو، هنن 2017 ۾’سدرن ٽرانزيشن ڪائونسل‘ يعني ايس ٽي سي نالي ڌار تنظيم ٺاهي، جنهن کي يو اي اي هٿيار ۽ پيسا ڏيڻ شروع ڪيا، هن ٻيهر ڏکڻ يمن کي ڌار ملڪ ٺاهڻ لاءِ جنگ شروع ڪئي. جتان سعودي ۽ يو اَي اِي جا اختلاف وڌي ويا. سعودي عرب ۽ سندس حمايت يافتا يمني حڪومت مٿن حملا شروع ڪيا.

جيتوڻيڪ 2025 جي آخر ۾ ايس ٽي سي ڏکڻ يمن نالي ملڪ جو اعلان به ڪيو هو، يو اي اي ۽ اسرائيل کين تسليم به ڪيو پر سعودي حڪومت جي حملن بعد کين ڪمزور ڪيو ويو ۽ زبيدي فرار ٿي يو اي اي پهتو، جنهن جو سرڪاري طور هو انڪار ڪندا آهن. هن وقت به سندن حامي يمن ۾ آهن پر ڪافي ڪمزور پوزيشن ۾ آهن.
يمن جي اتر ۽ اولهه جا علائقا انصار الله يعني حوثين جي قبضي ۾ آهن.

حوثي جيڪي زيدي شيعا آهن، هن وقت سعودي حمايت يافته سني عقيدي واري ’پي ايل سي‘ کان به وڌيڪ طاقتور، منظم، ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول واري تنظيم آهي، جنهن کي ميزائيل، ڊرون ۽ ٻيا هٿيار ايران ڏئي رهيو آهي.
حوثين تازو پي ايل سي وارن کان اولهه جا شهر کسي پنهنجو ڪنٽرول باب المندب تائين وڌائي ڇڏيو آهي. حوثين اعلان ڪيو آهي ته هو سعودي عرب جي جهازن تي حملا ڪندا ٻين ملڪن خلاف ڪاروائي نه ڪندا.
اهڙي صورتحال سبب سعودي عرب پريشان آهي، محمد بن سلمان عرف ايم بي ايس صدر ٽرمپ کي درخواست ڪئي ته هو حوثين خلاف ڪاروائي ڪري پر آمريڪا نئون محاذ کولڻ کان معذرت ڪئي.
نومبر 2023 ۾ جڏهن حوثين غزه ۾ حماس خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جي بدلي ۾ باب المندب مان گذرندڙ آمريڪي جهازن تي حملا شروع ڪيا ته آمريڪا حوثين خلاف فضائي حملا شروع ڪيا بعد ۾ 6 مئي 2025 تي عمان معرفت آمريڪا ۽ حوثين ۾ هڪٻئي خلاف حملا نه ڪرڻ جو معاهدو ٿيو. جنهن تي اسرائيل اعتراض ڪيو هو ڇو ته ان معاهدي موجب حوثي اسرائيلي جهازن تي حملا روڪڻ جا پابند نه هئا.
هڪ ان معاهدي سبب ٻيو ته آمريڪا جڏهن کان وينزويلا تي قبضو ڪيو آهي ته صدر ٽرمپ جي ڪوشش هوندي ته عرب ملڪن جو تيل بند ٿئي ته هو وينزويلا جو تيل دنيا ۾ وڌيڪ وڪڻي سگهي. جنهن سبب هنن سعودي کي لفٽ نه ڪرائي.
ايران چاهي ٿو ته سعودي عرب ٻين عرب ملڪن سان گڏجي آمريڪا کان اڏا خالي ڪرائي، پيٽرو ڊالر به ختم ٿئي. جيڪو عرب بادشاهتن لاءِ ڪنهن به طور خطري کان خالي نه هوندو. خير هي هڪ ڌار موضوع آهي.
اسان ذڪر پئي ڪيو حوثين جو ته هو سعودي عرب تي حملا ڇو ڪري رهيا آهن. هڪ ته ايران ان جو سبب آهي ۽ ٻيو وڏو سبب يمن تي مڪمل حوثين جي ڪنٽرول ۾ سعودي عرب وڏي رڪاوٽ آهي. اڳ ۾ يمن جي گادي واري شهر صنعا تي 2014 ۾ حوثين قبضو ڪيو هو جيڪو سعودي عرب يمن جي پي ايل سي سان گڏجي حوثين تي حملا ڪري کين پوئتي ڌڪيو هو ۽ 2015 ۾ حوثين کي وڏو نقصان رسيو، بعد ۾ 2022 ۾ جنگبندي ته ٿي پر مسئلو حل نه ٿيو.
سعودي عرب جي ڏکڻ وارا علائقا جن ۾ عسير، جزان، اڀا، خميس، مشيط ۽ نجران وغيره تي حوثي حملا ڪري رهيا آهن. سعودي جي ڏکڻ وارا اهي علائقا يمن جي اترين علائقن صعده، الجوف، حجه جا سرحدي علائقا آهن ۽ يمن جي اترين ۽ اولهه وارن علائقن تي حوثين جو مضبوط ڪنٽرول آهي. سعودي عرب جي ڏاکڻي شهر جزان ۾ تيل صاف ڪرن جا ڪارخانا ، توانائي جا مرڪز ۽ تيل دني م موڪلڻ جو نيٽ ورڪ آهي. سعودي عرب جو نجران صوبو سون، چاندي، ٽامي، سليڪا، سنگ مرمر ۽ ٻين قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ۽ ان جي سائيز سنڌ صوبي کان به وڏي آهي، جيڪڏهن حوثي طاقتور رهندا ته سعودي عرب انهن منرلز مان آساني سان فائدو به حاصل نٿو ڪري سگهي.
هتي هڪ وضاحت به ضروري آهي ته انصار الله يعني حوثي رڳو ايراني پراڪسي هجڻ ڪري سعودي خلاف نه آهن پر هنن جو پنهنجو وڏو مفاد سعودي جي حمايت يافته يمني حڪومت يعني پي ايل سي کي ڪمزور ڪرڻ ۽ سڄي يمن تي پنهنجو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ به آهي.
حوثي باغي سعودي عرب لاءِ ايندڙ وقت ۾ اڃا وڌيڪ مٿي جو سور بڻبا ۽ خاص ڪري جڏهن کان هنن اولهه ۾ موخا بندر گاهه، سامونڊي پٽي، پيرم ٻيٽ جيڪو باب المندب جي بلڪل منهن ۾ آهي ان تي حوثين ڪنٽرول حاصل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو