جماعت اسلامي جو ليوي خلاف 3 سيپٽمبر تي هڙتال جو اعلان

جماعت اسلامي جو ليوي خلاف 3 سيپٽمبر تي هڙتال جو اعلان

لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 3 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪنداسين. اهڙو اعلان هن پارٽي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن پارٽيون ۽ تاجر برادري  به جماعت اسلامي جي ڌرڻن جو ساٿ ڏين. لاهور جي چيئرنگ ڪراس تي جماعت اسلامي جو ڌرڻو 12هين ڏينهن به جاري آهي جتي حافظ نعيم الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو.ح افظ نعيم الرحمان چيو ته پيٽرول تي ليوي ٽيڪس ختم ڪرڻو پوندو. اسان جو ڌرڻو عام ماڻهن ۽ 25 ڪروڙ عوام جي لاءِ آهي. جماعت اسلامي پنهنجي لاءِ نه پر عوام جي حقن لاءِ وڙهي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي پيٽرول جون قيمتون وڌيڪ وڌائي رهي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 7 ڊالر گهٽ ٿيڻ جي باوجود پاڪستان ۾ قيمتون وڌايون ويون، پرامن احتجاج کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اسان جي صبر جو وڌيڪ امتحان نه ورتو وڃي.جماعت اسلامي جي امير چيو ته ڌرڻا هاڻ مختلف شهرن تائين پکڙجي چڪا آهن، سڀاڻي فيصل آباد ۾ جلسه عام ٿيندو. 30 آگسٽ تي راولپنڊي ۽ 31 آگسٽ تي پشاور ۾ جلسو ڪوٺايو ويندو، جڏهن ته 4 سيپٽمبر تي سوات وينداسين.حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت کي پيٽروليم ليوي ختم ڪري عوام کي رليف ڏيڻو پوندو، آءِ پي پيز جا ناجائز معاهدا ختم ڪيا وڃن ۽ عوام تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪيو وڃي.پمز اسپتال حادثي تي ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حادثا ٿي ويندا آهن. پر حڪومت جي ذميواري آهي ته اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ حفاظتي قدم کڻي، حڪومت اهو ٻڌائي ته اسپتال ۾ ڪهڙا حفاظتي انتظام موجود هئا. هن چيو ته هر سانحي کان پوءِ حڪومت ٻئي سانحي جو انتظار ڪندي آهي. آفيسرن جون معطليون ڪافي نه آهن. سمورن ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ گهرجي.حافظ نعيم الرحمان اپوزيشن پارٽين کي جماعت اسلامي جي ڌرڻن ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو ته سموريون اپوزيشن پارٽيون اسان جي احتجاج جو ساٿ ڏين. اسان ڌرڻن کي وڌيڪ هٿي ڏينداسين، لانگ مارچ جو به آپشن موجود آهي انهي کان پوءِ آئنده جو لائحه عمل طئي ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو