مڪه مڪرمه تي حملي کي عالمِ اسلام تي حملو تصور ڪنداسين

مڪه مڪرمه تي حملي کي عالمِ اسلام تي حملو تصور ڪنداسين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مڪي مڪرمه تي حوثين طرفان ڪو به حملو عالمِ اسلام تي حملو تصور ڪيو ويندو، جڏهن ته امتِ مسلمه کي سعودي عرب جي تحفظ لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي.مولانا فضل الرحمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته امتِ مسلمه ڪنهن به اهڙي حملي جو ڀرپور جواب ڏيندي ۽ سعودي عرب جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي.هن چيو ته پاڪستان کي حرمين شريفين جي تحفظ بابت پنهنجي واضح ۽ مضبوط پاليسي جو اعلان ڪرڻ گهرجي.مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته موجوده صورتحال ۾ هڪ مضبوط ۽ مؤثر اسلامي بلاڪ جي قيام جي ضرورت اڳ کان وڌيڪ وڌي وئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب تي حملي واري صورتحال آمريڪا ۽ مغربي دنيا جي ٻٽي معيار کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو