20 سيپٽمبر تي چئني طرفن کان اسلام آباد اينداسين: حافظ

20 سيپٽمبر تي چئني طرفن کان اسلام آباد اينداسين: حافظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسان کي هر صورت ۾ ليوي کي ختم ڪرائڻو آهي. اسان 20 سيپٽمبر تي چئني طرفن کان اسلام آباد اينداسين.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيٽروليم ليوي کي عوام ڀته ٽيڪس قرار ڏنو آهي. حڪومت کي پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻي پوندي، حڪومت کي مناسب تجويزون ڏنيون آهن، جيڪڏهن وياج ۾ 3 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏين ته 1700 ارب روپيه بچائي سگهجن ٿا، شهباز شريف انهي ڳالهه جو جواب ڏئي ته وياج جي شرح ڇو نٿو گهٽ ڪري.هن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ پنهنجن مطالبن کان هٿ نه کڻنداسين. اسان کي ليوي ٽيڪس ختم ڪرائڻو آهي، 30 شهرن ۾ ڌرڻا لڳل آهن. 20 سيپٽمبر تي چئني طرفن کان اسلام آباد اينداسين، جيڪڏهن حڪومت ڪنهن به ڊرامي کان ڪم ورتو ته اسان ڳالهين جو سلسلو ختم ڪري ڇڏينداسين.حافظ نعيم الرحمان چيو ته آئي پي پيز جا معاهدا سامهون اچي وڃن ته سموري قوم هنن کي ٺڪرائي ڇڏيندي. جيڪي به حالتون هجن پر هنن طرفان بجلي جي بلن ۾ ڪيپسٽي جي رقم لڳي اچي رهي آهي. انهي فراڊ ۾ (ن) ليگ، پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف سميت سڀ شامل آهن، اهي پارٽيون ائين نٿيون ڪري سگهن ڇو ته انهن ۾ مافيا جا ماڻهو شامل آهن.جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آئي اي پي سي ۾ گهرايو ته ضرور وينداسين اسان باني پي ٽي آءِ عمران خان کي سياسي قيدي سمجهون ٿا، جڏهن ته اپوزيشن سان اسان جا رابطا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو