ڪابل: (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله چيو آهي ته افغان زمين دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿي رهي آهي، پاڪستان سان ڳالهيون ۽ تعاون جاري رکڻ چاهيون ٿا، اميد آهي ته سعودي عرب انهي معاملي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.عرب چينل کي انٽرويو ڏيندي ذبيح الله مجاهد چيو ته افغانستان پاڪستان سان ڳالهيون ۽ تعاون جاري رکڻ چاهي ٿو، تڪرار حل ڪرڻ جي لاءِ سعودي عرب سميت سمورن ملڪن جي ڪوششن جي آجيان ڪريون ٿا. سعودي عرب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مسئلا حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.اهو تازو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي صورتحال انتهائي سنگين آهي، گذريل ڏينهن 18 سيپٽمبر تي ڪوهاٽ ۾ پوليس لائنز جي مسجد تي آڦگهاتي حملي ۽ هٿياربندن جي ڪارروائي ۾ 23 ڄڻا شهيد، 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، پاڪستان افغانستان ۾ موجود عسڪريت پسندن جي ٺڪاڻن کي ڪيترائي پنهنجي سلامتي جي لاءِ خطرو قرار ڏيندو رهيو آهي جڏهن ته افغان طالبان اهڙن الزامن کي رد ڪندا آيا آهن.طالبان ترجمان جو انٽرويو ۾ وڌيڪ چوڻ هو ته افغان عوام جي دل ۾ به سعودي عرب ۽ ٻنهي مقدس مسجدن جي لاءِ تمام گهڻي محبت ۽ احترام آهي، اميد آهي ته سعودي اختياريون افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ موجود مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون. هڪ سوال جي جواب ۾ ذبيع الله مجاهد چيو ته جيڪڏهن پاڪستان افغانستان جي اندر حملا ڪيا ته افغانستان پنهنجي خودمختاري جو دفاع ڪندو.طالبان ترجمان چيو ته ڪابل تحريڪ طالبان پاڪستان(ٽي ٽي پي) کي افغان زمين تان ڪارروايون ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي ۽ نه ئي اهڙن هٿياربندن جي حمايت ڪري ٿو جيڪي ٻين ملڪن کي نشانو بنائيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي پنهنجي سيڪيورٽي مسئلن جو الزام افغانستان تي لڳائڻ جي بجاءِ انهي کي اندروني طور تي حل ڪرڻ گهرجي. ٽي ٽي پي ۽ بلوچ گروپن جي بدامني افغان طالبان جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کان به اڳ موجود هئي.ياد رهي ته هلندڙ مهينن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ باوجود چين، قطر، ترڪيه ۽ سعودي عرب سميت مختلف ملڪن اسلام آباد ۽ ڪابل جي وچ ۾ ڳالهيون ۽ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن، پاڪستان به واضح ڪيو آهي ته هو افغانستان سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهي پر اهو ڪابل طرفان ٽي ٽي پي ۽ ٻين گروپن جي خلاف پڪن ۽ تصديق جوڳن قدمن کي ضروري قرار ڏئي ٿو.










