ايم ڪيو ايم جي ڳالهين کي سنجيده نٿا وٺون، ڪا حيثيت ناهي

ايم ڪيو ايم جي ڳالهين کي سنجيده نٿا وٺون، ڪا حيثيت ناهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڳالهين کي سنجيده نٿا وٺون، اها اسان لاءِ ڪا حيثيت نٿي رکي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندي، جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙن ايم ڪيو ايم جي ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙن کي يقين ڏيارڻ گهرجي ته ماضي جهڙا واقعا ٻيهر نه ٿيندا. هن چيو ته واپاري برادري کي به خاطري ڪرائڻ گهرجي ته کين ماضي وانگر ڀتي جون پرچيون نه ملنديون. ناصر حسين شاهه چيو ته مختلف لساني ۽ سماجي طبقن کي تحفظ جي ضمانت ڏيڻ ئي حقيقي تسلي هوندي. اردو ڳالهائيندڙ منهنجا ڀائر ۽ ڀينر آهن، کين ڪنهن به قسم جي خوف ۾ مبتلا ٿيڻ نه گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اردو ڳالهائيندڙن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو الڳ صوبي جي حق ۾ ناهن.

پهنجو تبصرو موڪليو