خصوصي ٻارن جي تعليم ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻون پيا

خصوصي ٻارن جي تعليم ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻون پيا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ حڪومت خصوصي ٻارن جي تعليم، بحالي ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ انقلابي قدم کڻي رھي آھي، صوبي جي 67 خصوصي تعليمي ادارن ۾ 20 ھزار جي لڳ ڀڳ شاگرد علم پرائي رھيا آھن، خصوصي تعليمي ادارن ۾ مفت تعليم سان گڏ بحالي، فزيو ٿيراپي، اسپيط ٿيراپي، ٽرانسپورٽ سان گڏ ماھوار 3 ھزار ُپيا وظيفو ڏنو پيو وڃي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته خصوصي ٻارن جي لاءِ 37 اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريھيبلٽيشن سينٽرز مان 49 جديد ڊجيٽل ڪلاس رومز جو قيام ھڪ اھم اڳڀرائي آھي، ڊجيٽل ڪلاس رومز ۾ ٻڌڻ کان محروم 754 شاگردن کي فائدو پھچندو. پوري سنڌ ۾ قائم ڪيل 20 سيٽلائيٽ اسڪولن ذريعي 476 اھڙن ٻارن کي تعلمي موقعا ملي سگھندا، جن کي خصوصي تعليم جي سھولتن تائين رسائي ۾ ڏکيائين کي منھن ڏئي رھيا ھُئا، ڊجيٽل ڪلاس رومز ۾ اسمارٽ بورڊ، اي لرننگ ٽولز ۽ جديد تعليمي سھولتون ڏنيون ويون آھن، حڪومتي قدمن سان خصوصي ٻارن جي لاءِ جديد تدريسي وسيلن تائين رسائي ۾ اضافو ٿيندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 20 سيٽلائيٽ اسڪولن جو مقصد تعليم کي اُنھن علائقن پھچائڻ آھي جتي خصوصي ٻارن جي خصوصي تعليمي ادارن تائين پھچ محدود آھي، حڪومت پاران سائن لينگويج ٽيچرز ٽريننگ پروگرام پڻ شروع ڪيو ويو آھي، جنھن سان استادن جي پيشيوراڻي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو، ڊجيٽل ڪلاس رومز، سيٽلائيٽ اسڪول ۽ سائن لينگويج ٽيچرز ٽريننگ پروگرام کي وسعت ڏيڻ حڪومت اوليتن ۾ شامل آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو