اسلام آباد:(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان امداد کان واپار ۽ سرمائيڪاري طرف منتقل ٿي رهيو آهي، پاڪستان عالمي ڀائيوارن سان اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ محمد اورنگزيب چيو ته عرب ملڪ، آمريڪا ۽ چين سان واپار ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي. پاڪستان ڀائيوار ملڪن جي مسلسل تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.هن چيو ته پاڪستان امداد کان واپار ۽ سرمائيڪاري طرف منتقل ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان عالمي ڀائيوارن سان اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته گذريل مالي سال ناڻي جي مٽاسٽا 41.6 ارب ڊالر رهي، هلندڙ مالي سال مٽاسٽا 44 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي، عرب ملڪن سان لاڳاپا واپار ۽ ناڻي جي مٽاسٽا جي حوالي سان اهم آهن. چين ۽ آمريڪا ٻنهي سان لاڳاپن کي هڪ ئي وقت اڳيان وڌايو پيو وڃي. چين پاڪستان جو پراڻو ڀائيوار آهي، سي پيڪ اهم اقتصادي منصوبو آهي، پاڪستان جي اقتصادي ترجيح امداد جي بجاءِ سرمائيڪاري ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ آهي.وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اقتصادي راهداري جي پهرين مرحلي ۾ روڊن، بندرگاهن ۽ بجلي گهرن سميت بنيادي ڍانچي جي تعمير تي ڌيان ڏنو ويو. ٻئي مرحلي ۾ موجوده بنيادي ڍانچي کان معاشي فائدا حاصل ڪرڻ ۽ ڪاروباري موقعا وڌائڻ تي ڌيان رکيل آهي.










