اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته وزيراعظم چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرريءَ لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ٻه خط لکيا آهن، هاڻي جواب جو انتظار آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جو اڳواڻ ٻڌائي ته وزيراعظم سان ملاقات لاءِ ڪڏهن اچي رهيو آهي. راڻا ثناءُ الله موجب خيبرپختونخوا ۾ هنگامي حالت واپس وٺڻ جي شرط تي پي ٽي آءِ سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، البت پي ٽي آءِ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سهڪار ڪري ته ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي ملاقات لاءِ ڪا ٽين جاءِ مقرر نه ٿيندي، ملاقات وزيراعظم هائوس ۾ ئي ٿيندي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم هائوس ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه، پر رياست جي ملڪيت آهي، تنهنڪري اهڙي ضد قبول نه ڪئي ويندي.










