اسان صوبا ٺاهڻ جي خلاف نه آهيون

اسان صوبا ٺاهڻ جي خلاف نه آهيون

لاهور: ( ويب ڊيسڪ ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان صوبا ٺاهڻ جي خلاف نه آهيون پر وقت ۽ حالتن کي به ڏسڻ گهرجي، هڪ طرفو ڪوبه فيصلو نه مڙهيو انهي تي بحث ٿيڻ گهرجي.
مولانا فضل الرحمان لاهور ۾ وحدت روڊ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ختم نبوت ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو ته 7 سيپٽمبر 1965 پاڪستان جي جغرافيائي حدن جو تحفظ جو واقعو آهي. 7 سيپٽمبر 1974ع پاڪستان جي نظرياتي حدن جي تحفظ جو ڏينهن آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ کي سياسي حوالي سان ڪمزور ڪيو ويو، عوام آهي ته رياست آهي، اسان يونٽ ٺاهڻ جي خلاف نه آهيون، اسان صوبا ٺاهڻ جي خلاف نه آهيون پر وقت ۽ حالتن کي به ڏسڻ گهرجي، هڪ طرفو ڪوبه فيصلو نه مڙهيو انهي تي بحث ٿيڻ گهرجي.
هن جو چوڻ هو ته صوبن وٽ معدني ذخيرا آهن ۽ 18هين ترميم جي تحت صوبا انهي جا مالڪ آهن، سياسي پارٽين کي انهي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پيپلز پارٽي ڳالهيون ته ڪندي آهي پر صرف سنڌ جي حد تائين، مسلم ليگ(ن) خاموش آهي انهي جي حيثيت غلام کان وڌيڪ جي نه آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان ٻن قومي نظريي جي بنياد تي هڪ قوم نه ٺاهي سگهياسين، هتي لسانيت جي بنياد تي فسادات ڪرايا ويا، اسان پاڪستان جا اثاثا ٻاهرين قرضن تي رکيا آهن، نئون آبادياتي نظام ختم ٿي چڪو پر عالمي ادارا اڄ اسان جي ملڪ جو فيصلو ڪندا آهن، اڄ اسان ورلڊ بينڪ، آئي ايم ايف جي قرضن جا محتاج بنايا ويا آهيون، اسان جي معيشت جون پاليسيون اهي طئي ڪن ته اها نو آبادياتي نظام جي هڪ وڏي شڪل آهي.
جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آئي) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته هي عوام جو ملڪ آهي هتي عوام کي رهڻو آهي، ملڪ امن امان سان طاقتور ٿيندو آهي، هتي ورهاست کان ورهاست آهي، مسلمان امت کي ورهايو پيو وڃي.
هن چيو ته اسان پاڪستان جي غريب انسان کي عزت جي زندگي ڏيڻ چاهيون ٿا، اشرافيه جي سياست ۽ جابرانه سياست نه هلندي. طاقت جي بنياد تي مڙهيل سياست هلڻ نه ڏينداسين. اسان کي توهين رسالت جي قانون جي خلاف سمورين تحريڪن کي ناڪام بنائڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو