بونير (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته اسان اسلام آباد انصاف گهرڻ لاءِ اچي رهيا آهيون، گولي نه هلڻ گهرجي، گوليءَ جو وقت هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. بونير ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن پرامن طريقي سان اسلام آباد ايندا، اسان جمهوريت ۽ ملڪ بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون. بئريسٽر گوهر چيو ته ڪي پي جو وزيراعليٰ پرامن ۽ آئين و قانون موجب اسٽريٽ موومينٽ ڪندو، پنجاب حڪومت، خاص طور رانا ثناءُالله وزيراعليٰ جي رستي ۾ رڪاوٽون نه وجهي. هن چيو ته سياسي ڪشيدگي گھٽائڻ لاءِ مفاهمن ۽ بهتر قدمن جي ضرورت آهي، باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي. اختلافي راءِ جي قدر ڪرڻ جمهوريت جو حصو آهي، حڪومت سخت قدمن بجاءِ مفاهمن ڏانهن وڌي.










