ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ جي سسٽم ۾ ڪيبل فالٽ سبب ڌاٻيجي تي بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيو آهي.واٽر ڪارپوريشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب صبح 6 وڳي ڌاٻيجي مختلف فيزز ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ ڌاٻيجي تي بجلي جي بندش جو سبب ڪيبل فالٽ قرار ڏئي ڇڏيو.واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب بريڪ ڊائون سبب ڌاٻيجي جي ٿرڊ فيز، فورٿ فيز ۽ ڪي ٿري پمپ هائوس جي بجلي بند ٿي وئي. ڌاٻيجي تي بجلي جي بندش سبب 21 مان 10 پمپ غير فعال ٿي ويا.ترجمان واٽر ڪارپوريشن ٻڌايو آهي ته 10 پمپ بند هجڻ سبب ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جزوي طور تي متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ترجمان جو چوڻ آهي ته بجلي جي جلد بحالي جي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه سان مسلسل رابطي ۾ آهيون، بجلي بحال ٿيندي ئي متاثر 10 پمپ فوري طور تي فعال ڪيا ويندا. انهي کان علاوه بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بجلي جي بحالي جي فورن بعد متاثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي معمول موجب بحال ڪئي ويندي.ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جهاڙين ۾ باهه سبب ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جون ڪيبلز متاثر ٿيون، ٽيڪنيڪل ٽيم واٽر ڪارپوريشن جي ڪيبلز ۾ باهه لڳڻ واري جڳهه تي موجود آهي. ترجمان ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته بجلي جي فراهمي جي جلد بحالي جي لاءِ واٽر ڪارپوريشن سان مسلسل رابطي ۾ آهيون.










