رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 13 ڪروڙ 68 لک 69 هزار 217 ٿي ويو

رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 13 ڪروڙ 68 لک 69 هزار 217 ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن موجب 2 جولاءِ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ 2 لک 94 هزار 818 نون ووٽرن جو اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو مجموعي انگ 13 ڪروڙ 68 لک 69 هزار 217 ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي تازي انگن اکرن موجب پنجاب ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 7 ڪروڙ 75 لک 71 هزار 216، خيبرپختونخوا ۾ 2 ڪروڙ 34 لک 92 هزار 258 ۽ سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 87 لک 41 هزار 92 ٿي ويو آهي.
بلوچستان ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 58 لک 154، جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ووٽرن جو انگ 12 لک 64 هزار 497 ٿي ويو آهي. انگن اکرن موجب 2 جولاءِ کانپوءِ پنجاب ۾ 94 هزار 582، خيبرپختونخوا ۾ 85 هزار 309، سنڌ ۾ 65 هزار 345، بلوچستان ۾ 37 هزار 372 ۽ اسلام آباد ۾ 12 هزار 210 نون ووٽرن جو اندراج ٿيو.
اليڪشن ڪميشن موجب ضلعي سطح تي لاهور سڀ کان وڌيڪ رجسٽرڊ ووٽرن وارو ضلعو آهي، جتي ووٽرن جو انگ 74 لک 12 هزار 267 آهي. فيصل آباد ۾ 55 لک 83 هزار 461، راولپنڊي ۾ 34 لک 95 هزار هڪ، ملتان ۾ 32 لک 77 هزار 884 ۽ گوجرانوالا ۾ 29 لک 62 هزار 772 ووٽر رجسٽرڊ آهن.
سنڌ ۾ ڪراچي سينٽرل ۾ 22 لک 77 هزار 495، ڪراچي ايسٽ ۾ 18 لک 6 هزار 179، ڪورنگي ۾ 16 لک 30 هزار 590، ڪراچي سائوٿ ۾ 13 لک 13 هزار 906 ۽ ڪراچي ويسٽ ۾ 10 لک 25 هزار 410 ووٽر رجسٽرڊ آهن. حيدرآباد ۾ 12 لک 87 هزار 640، خيرپور ۾ 14 لک 50 هزار 378، نوشهروفيروز ۾ 9 لک 97 هزار 162 ۽ بدين ۾ 9 لک 96 هزار 858 ووٽر رجسٽرڊ آهن.
خيبرپختونخوا ۾ پشاور 22 لک 45 هزار 452 ووٽرن سان سڀ کان اڳيان آهي، جڏهن ته مردان ۾ 16 لک 43 هزار 274، مانسهره ۾ 11 لک 82 هزار 277، چارسده ۾ 11 لک 38 هزار 99 ۽ سوات ۾ 9 لک 12 هزار 653 ووٽر رجسٽرڊ آهن. ٻئي طرف ملڪ ۾ عورت ووٽرن جو انگ به وڌي 6 ڪروڙ 39 لک 27 هزار 116 ٿي ويو آهي، جڏهن ته مرد ۽ عورت ووٽرن جي انگ ۾ فرق 90 لک 14 هزار 985 آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو