لائبا اعجاز خودڪشي ڪيس جو جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

لائبا اعجاز خودڪشي ڪيس جو جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پوليس ترجمان موجب انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد جي شاگردياڻي لائبه کي آمريڪي ويزا جي نالي تي مبينا طور فراڊ جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار پنهنجن ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.
ترجمان موجب، پوليس جي حراست ۾ موجود جوابدار رَمنا ٿاڻي جي حدن اندر پوليس ٽيم تي فائرنگ دوران مارجي ويو.
ترجمان ٻڌايو ته پوليس ٽيم جوابدار جي نشاندهي ۽ ٻڌايل هنڌ تي سندس ڄاڻ موجب ڪٿي بازيابي لاءِ کيس وٺي وڃي رهي هئي ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار سندس چئن ساٿين مبينا طور کيس آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ پوليس پارٽي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي.
ترجمان موجب، ساٿين جي فائرنگ ۾ حراست هيٺ جوابدار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته بلٽ پروف جيڪٽن ۽ حفاظتي انتظامن سبب پوليس ٽيم محفوظ رهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته زخمي جوابدار کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
ترجمان چيو ته جوابدار لائبه اعجاز جي ڪيس ۾ نامزد هو. لائبه اها شاگردياڻي هئي، جنهن رَمنا ٿاڻي جي حدن اندر آپگهات ڪيو هو. جوابدار جي ٻين ساٿين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پڻ سرچ آپريشن جاري آهن.
هن ٻڌايو ته جوابدار جو هڪ ڀاءُ ۽ سندس سوٽ اڳ ئي جيل ۾ آهن، جڏهن ته انهن خلاف مانسهره جي سٽي ٿاڻي تي 85 لک رپين جي فراڊ جا ڪيس داخل ٿيل آهن. فوت ٿيل جوابدار ڄاڻايل ڪيس ۾ اشتهاري ڏوهاري هو.
ٻئي پاسي، پوليس مارجي ويل جوابدار وٽان فراڊ ذريعي ڦريل رقم جي بازيابي بابت ڪا به تفصيل ڏيڻ کان قاصر رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو