ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ هميشه آئين ۽ قانون موجب ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي.ڪراچيءَ جي ڪار ساز واري هنڌ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪار ساز سانحو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ڏکوئيندڙ واقعو آهي. اسان سڀ گڏجي دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن سهيل آفريدي دهشتگردن جو مقابلو نه ڪندو ته پيپلز پارٽي مقابلو ڪندي. پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن کي به پاڪستان جو جهنڊو لاهڻ جي اجازت نه ڏينداسين. پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ مخالف ڌر کي به ان ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر واقعي دهشتگردي ۽ خيبر پختونخوا ۾ هنگامي حالت جو خاتمو چاهي ٿي ته اڳتي اچي ۽ ڳالهين ۾ حصو وٺي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽيءَ هميشه آئين ۽ قانون موجب هنگامي حالت لاڳو ڪئي آهي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان کي اهو حق حاصل آهي ته هو حڪومت جي پاليسيءَ تي تنقيد ڪري. هن وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهي ته بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي موجود آهي.










