عليمه خان جي نظربندي، ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي

عليمه خان جي نظربندي، ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ عليمه خان جي نظر بندي خلاف درخواست تي ڪارروائي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.جسٽس عبهر گل خان عليمه خان جي پٽ شاهه زير پاران داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عليمه خان طرفان بيرسٽر تيمور ۽ عرفان ڪلار ايڊووڪيٽ پيش ٿيا، جڏهن ته بعد ۾ وڪيل رانا مدثر عمر پڻ عدالت ۾ دليل ڏنا.عدالت پڇاڻو ڪيو ته لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪرڻ کانسواءِ درخواست ڪيئن داخل ڪئي وئي؟ جسٽس عبهر گل خان پڇيو ته ڇا درخواستگذار لاڳاپيل اٿارٽي سان رابطو ڪيو آهي؟ وڪيل رانا مدثر عمر مؤقف اختيار ڪيو ته عليمه خان جي نظر بندي جو معاملو ٻين ڪيسن کان مختلف آهي. هن چيو ته هڪ ئي تاريخ تي ڊي آءِ سي ڪئي وئي ۽ ساڳئي تاريخ تي نظر بندي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو، جنهن مان لڳي ٿو ته پهريان گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ نظر بندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.وڪيل وڌيڪ چيو ته نظر بندي جي رپورٽ ۾ عليمه خان کي 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ڄاڻائيندي خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته هوءَ ٻيهر روڊ بلاڪ ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته 9 مئي واري ڪيس جي جاچ ۾ عليمه خان کي بي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي، ان باوجود 9 مئي جي واقعن کي بنياد بڻائي نظر بند ڪرڻ جو جواز ڇا آهي؟عدالت پڇيو ته ڇا عليمه خان جي سمورن ڪيسن ۾ ضمانتون منظور ٿي چڪيون آهن؟ وڪيل ٻڌايو ته ٻن کان ٽن ڪيسن ۾ ضمانت ٿيڻ اڃا باقي آهي. جسٽس عبهر گل خان ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ جو حڪم موجود آهي ته پهريان لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪيو وڃي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ان حڪم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ڪا ڪارروائي ٿي آهي؟وڪيل عدالت کان تياري لاءِ مهلت طلب ڪئي، جنهن تي عدالت عليمه خان جي نظر بندي خلاف درخواست تي ڪارروائي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو