ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀارتي ڳجهي اداري ’را‘ جي مبينا ايجنٽ محمد سليم جي سزا خلاف داخل اپيل تي ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ٻڌڻيءَ دوران پراسيڪيوشن عدالت کي آگاهه ڪيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار محمد سليم کي ٽن ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي. جوابدار تي پاڪستان خلاف هٿياربند جارحيت، ڌماڪيدار مواد رکڻ ۽ ٻين الزامن تحت ڪيس داخل ٿيل آهن. پراسيڪيوشن موجب 7 آڪٽوبر 2024ع تي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) کي منهوڙي واري علائقي ۾ ’را‘ جي مبينا ايجنٽ جي موجودگيءَ بابت اطلاع مليو، جنهن تي موٽرسائيڪل سوار جوابدار کي روڪي تلاشي ورتي وئي. پراسيڪيوشن دعويٰ ڪئي ته جوابدار وٽان پستول، ڌماڪيدار مواد، اوان بم، راڪيٽ لانچر ۽ ٻه پاسپورٽ هٿ آيا هئا. عدالت کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته محمد سليم مبينا طور غيرقانوني طريقي سان پاڪستاني شهريت حاصل ڪئي هئي. ٻئي طرف جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته مٿس لڳايل الزام بي بنياد آهن ۽ انهن جي حمايت ۾ ڪو به ثبوت موجود ناهي. دفاعي وڪيل عدالت کان ماتحت عدالت پاران ٻڌايل سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي. ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.










