مري ۾ اسڪول وين حادثي جو شڪار، 10 ٻار سڙي زخمي

مري ۾ اسڪول وين حادثي جو شڪار، 10 ٻار سڙي زخمي

مري(ويب ڊيسڪ) لوئر موهڙا برهوترا ڀرسان اسڪول وين بي قابو ٿي روڊ کان هيٺ ڪري پئي، جنهن کانپوءِ گاڏي ۾ باهه لڳڻ سبب 10 ٻار سڙي زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اهلڪارن فوري ڪارروائي ڪندي سمورن ٻارن کي وين مان ڪڍي طبي امداد لاءِ سول اسپتال مري منتقل ڪيو.ڊپٽي ڪمشنر موجب، زخمي ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، جڏهن ته ڪجهه ٻارن کي هولي فيملي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو