نيو يارڪ(ويب ڊيسڪ)ايران ۽ آمريڪا جي وفدن جي ثالثن ذريعي ٿيل ڳالهين بابت ٻنهي ڌرين مثبٽ اڳڀرائي جي دعويٰ ڪندي ڳالهيون اڄ ٻيهر جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي سائيڊ لائين تي ٿيل ڳالهين دوران ايران ۽ آمريڪا جا وفد ڌار ڌار ڪمرن ۾ ويٺا هئا پر پاڪستان ۽ قطر جي نمائندن معرفت هڪٻئي کي تجويزون موڪليندا رهيا.
آمريڪي نمائندي اسٽيو وِٽڪوف ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ثالثن ذريعي ڊگهيون ڳالهيون ٿيون، جيڪي سڄو ڏينهن ٻنهي ڌرين وچ ۾ اچ وڃ ڪندا رهيا.
وِٽڪوف وڌيڪ چيو ته ثالث پنهنجو ڪم جاري رکندا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڳالهيون ”تعميري ۽ اميد افزا ثابت ٿينديون“.
ٻئي پاسي ايران جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسمائيل بقائي پڻ چيو آهي ته ثالثن معرفت ايران پنهنجي موقف کان آمريڪا کي آگاهه ڪيو آهي ۽ مثبت پيش رفت جي اميد آهي. صدر ٽرم جنهن جنرل اسمبلي کي خطاب دوران ايران کي فنا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، تنهن پڻ ٻنهي ملڪن ۾ ٿيل ڳالهين تي اطمينان ظاهر ڪيو آهي.
ٻئي پاسي ٽرمپ وچ اوڀر جي عرب ملڪن جي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪئي، جيڪي هرمز واري سامونڊي لنگهه ذريعي سامونڊي آمدرفت بحال ڪرڻ جا خواهشمند آهن. جنگ کان اڳ دنيا جي تيل ۽ گئس جي مجموعي ترسيل جو پنجون حصو هن سامونڊي لنگهه مان گذرندو هو، پر اهي ملڪ پنهنجي پراڻي حريف ايران کي تمام گهڻي طاقت ڏيڻ کان محتاط آهن.
قطر جي سرڪاري خابرو اداري موجب، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان آل ثاني سان ملاقات ڪئي. قطر ڪيترن ئي مهينن کان تڪرار ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.
هڪ سينيئر ايراني عهديدار چيو ته جيڪڏهن آمريڪا فوجي دٻاءُ گهٽائي ۽ ايراني بندرگاهن تي لاڳو پنهنجي ناڪا بندي ختم ڪري، ته تهران ڪجهه ئي ڏينهن اندر هرمز وارو سامونڊي لنگهه ٻيهر کولي سگهي ٿو.










