واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي فوج ڇنڇر ڏينهن چيو آهي ته ان جي فوجي دستن ٽن ايراني خام تيل بردار جهازن تي حملا ڪيا، جڏهن اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) ٻن آمريڪي بحري جنگي جهازن طرف بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا.
سي اين اين جي رپورٽ موجب تازا حملا ۽ جوابي ڪارروايون خليج فارس ۽ ان کان ٻاهر بحري جنگ کي وڌيڪ شديد ڪرڻ جو خطرو پيدا ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ايران آبنائي هرمز مان پنهنجي رضامندي کانسواءِ جهازن جي گذرڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ايراني جهازن کي نشانو بڻائڻ جون ڪارروايون تيز ڪري رهيو آهي.
ٻنهي ڌرين هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ هن هفتي پهريون ڀيرو هڪ ٻئي تي حملا ڪيا هئا، ۽ نوان حملا جوابي ڪاررواين جو هڪ ٻيو سلسلو شروع ٿيڻ جو خطرو پيدا ڪري رهيا آهن.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سينٽڪام ڇنڇر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو ته، ”آمريڪي جهاز بردار بحري ٻيڙي ۽ گائيڊڊ ميزائل تباهه ڪندڙ جهاز ڪاميابي سان ايران جي ڪيترن ئي بنا اشتعال حملن کان بچي ويا.“
بيان موجب، جواب ۾ آمريڪي فوجن خارگ ٻيٽ جي سامونڊي ڪناري ڀرسان اسلامي انقلابي گارڊ ڪور جي خام تيل بردار جهاز ايم/ٽي ڊائوني (M/T Downy) ۽ جاسڪ ڀرسان ايم/ٽي اسٽارڪ 1 (M/T Stark 1) کي مستقل طور ناڪاره بڻائي ڇڏيو.
خليج فارس کان ٻاهر، سينٽڪام موجب، خليج عمان جي علائقي ۾ هڪ خالي خام تيل بردار جهاز ايم/ٽي ڪائلو (M/T Kylo) کي ڪيترائي ڀيرا نشانو بڻائڻ کانپوءِ مڪمل طور تباهه ڪيو ويو ته جيئن ان کي هلڻ جي قابل نه ڇڏيو وڃي.
سينٽڪام جي ڪمانڊر ايڊمرل بريڊ ڪوپر چيو، ”انقلابي گارڊ ڪور لاءِ پيغام واضح هئڻ گهرجي: جيڪڏهن اوهان اسان جي ٻن جهازن تي فائر ڪندا ته اسان اوهان تي ان کان به وڌيڪ معاشي قيمت مڙهينداسين ــ اوهان جا ٽي جهاز ختم ڪري ڇڏينداسين.“
ايران جي سرڪاري خبر ايجنسي ارنا آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو بيان نشر ڪندي چيو ته ”ايراني عملدارن زور ڏنو آهي ته ڪنهن به حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.“ بهرحال، ايراني قيادت طرفان اڃا تائين ڪو باضابطه بيان سامهون نه آيو آهي.
ڇنڇر ڏينهن اڳ ايراني خبر ايجنسين چيو هو ته خارگ ٻيٽ ڀرسان هڪ تيل بردار جهاز آمريڪي فوج جي ميزائل حملي جو نشانو بڻيو. تسنيم نيوز ايجنسي موجب جهاز تي آمريڪي فوج طرفان فائر ڪيل چار پروجيڪٽائل لڳا. ايجنسي موجب ان حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
سي اين اين طرفان تصديق ڪيل آڊيو رڪارڊنگ مان معلوم ٿيو ته هڪ آمريڪي فوجي جهاز هنگامي ريڊيو چينل ذريعي جهاز کي وارننگ ڏني هئي.
هڪ پيغام ۾ آمريڪي لهجي واري آواز ۾چيو: ”موٽر ٽينڪر اسٽارڪ 1، هي آمريڪي فوجي جهاز آهي. مان اوهان جي جهاز جي پٺئين حصي تي فائر ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهيان. اوهان وٽ 10 منٽ آهن ته عملي کي جهاز جي پٺئين حصي مان هٽايو. ختم.“
بعد ۾ هڪ ٻي رابطي ۾ جهاز کي خبردار ڪيو ويو: ”هي اوهان لاءِ آخري خبرداري هئي… لائيف بوٽن ۾ وڃو ۽ فوري طور جهاز خالي ڪريو.“
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار انتهائي نازڪ ۽ غير يقيني صورتحال ۾ آهي، جتي ٻئي ڌريون اهم آبنائي هرمز تي ڪنٽرول لاءِ مقابلو ڪري رهيون آهن، جيڪا عالمي تيل جي فراهمي لاءِ انتهائي اهم آهي.
ايران جي سامونڊي ڪناري کان ٻاهر موجود مرجاني ٻيٽ خارگ عام طور ايران جي لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو خام تيل جي برآمدات سنڀاليندو رهيو آهي. تڪرار دوران هن ٻيٽ تي ڪيترائي ڀيرا حملا ٿي چڪا آهن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ۾ ان تي قبضو ڪرڻ جي ڌمڪي پڻ ڏئي چڪو آهي.
سامونڊي جهازن جي ڊيٽا ۽ سيٽلائيٽ تصويرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته خارگ ٻيٽ ڀرسان لڳ ڀڳ 20 ايراني تيل بردار جهاز لنگرانداز آهن، جيڪي آمريڪي بحري ناڪابندي سبب خليج مان ٻاهر نٿا نڪري سگهن، جڏهن ته انهن مان ڪيترائي مڪمل طور تيل سان ڀريل آهن.
سڄي خليج فارس ۽ ان کان ٻاهر خليج عمان ۾ جهازن جي نگراني ڪندڙ خدمتن موجب 50 کان وڌيڪ ايراني تيل بردار جهاز موجود آهن.
خميس ڏينهن آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ان تڪرار کي ”جنگ“ سڏڻ کان به انڪار ڪيو ۽ چيو ته تازين ڇڪتاڻن باوجود ”هن وقت ڪا فعال فائرنگ نه ٿي رهي.“
هن تڪرار ختم ٿيڻ لاءِ ڪو وقت مقرر ڪرڻ کان به انڪار ڪيو ۽ چيو ته ان تڪرار کي ختم ڪرڻ ايران جي ذميواري آهي، جيڪو ڇهه مهينا اڳ آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل هوائي حملن سان شروع ٿيو هو.










