جنرل اسيمبلي اجلاس، ايراني اڳواڻن لاءِ آمريڪي ويزائون منظور

جنرل اسيمبلي اجلاس، ايراني اڳواڻن لاءِ آمريڪي ويزائون منظور

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس لاءِ ايراني اڳواڻن کي ويزا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي؛ هي اجلاس ايندڙ هفتي نيو يارڪ ۾ شروع ٿي رهيو آهي.آمريڪي پرڏيهي وزارت تصديق ڪئي آهي ته ايراني وفد اجلاس ۾ شرڪت ڪندو؛ هڪ برطانوي اخبار موجب، ايراني صدر کي ويزا ڏني وئي آهي ۽ هو اربع ڏينهن اسيمبليءَ کي خطاب ڪندو.آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي کان پوءِ فلسطيني صدر محمود عباس وڊيو لنڪ ذريعي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ محمود عباس کي وڊيو لنڪ ذريعي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.ان کان پوءِ، آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته دوري تي ايندڙ ايراني عملدارن تي دوري دوران عيش و آرام واريون شيون خريد ڪرڻ يا ڪلبن جي رڪنيت حاصل ڪرڻ تي پابندي هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو